ام رباب جي ڀاتين جو قتل: فريادي ۽ جوابدار عدالت پيش نه ٿي سگھيا 

ام رباب جي ڀاتين جو قتل: فريادي ۽ جوابدار عدالت پيش نه ٿي سگھيا 

دادو(رپورٽر)  جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين، ڏاڏي، چاچي ۽ والد جي ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ڪيس جو فريادي پرويز چانڊيو ۽ ام رباب چانڊيو وارا شديد ڪوهيڙي ۽ ميهڙ ۾ برسات سبب دادو پهچي نه سگهيا عدالت کي ٻڌايو ويو ته ڪيس ۾ نامزد پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ڀائر، سردار خان چانڊيو ۽ برھان خان چانڊيو، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فريال ٽالپر جي ڌيءَ جي شادي واري تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ويل آهن، جنهن بابت سندن وڪيل عدالت ۾ درخواست پڻ داخل ڪرائي. ٻئي طرف، ڪيس ۾ الزام هيٺ آيل اڳوڻو ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ٻنهي ڌرين جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي واضح رهي ته ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل جو ڪيس سنڌ ۾ وڏي پئماني تي بحث هيٺ رهيو آهي ۽ متاثر ڌر انصاف جي طلب ۾ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهي آهي، قانوندانن ۽ ڪيس جي موجوده نويت ماب ظاهر ٿئي ٿو ته ڪيس آخري مرحلي ۾ اچي ويو آهي ڇاڪاڻ جو ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل ڌر جي وڪيلن پنهنجا پنهنجا آگري دليل مڪمل ڪري ڇڏيا آهن، هاڻ فريادي ڌر جي وڪيل پاران دليل جاري آهن جڪي گذريل حاضرين کان شروع ٿي چڪيون آهن