ام رباب جي ڀاتين جو قتل ڪيس:جوابدارن جا اعتراض رد:شاهدجو بيان رڪارڊ

آگسٽ 11, 2023

دادو ( رپورٽ: فتاح شيخ ) ام رباب چانڊيو جي والد سميت ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ جوابدار ڌر جا اعتراض رد ڪري شاهد جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو

دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ام رباب چانڊيو، فريادي ۽ شاهدن سميت عدالت پهچي وئي، برهان خان چانڊيو ۽ ٻيا جوابدار به عدالت ۾ پيش ٿا، سردار احمد چانڊيو عدالت ۾ پيش نه ٿيو

ٻڌڻي دوران عدالتي احاطي اندر ۽ ٻاهر سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا، ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ڪيس جي شاهد اعجاز چانڊيو جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو

جوابدار ڌر جي وڪيلن پاران شاهد کان آڏي پڇا پڻ ڪئي  وئي، بعد ۾ عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 19  آگسٽ تي مقرر ڪري ڇڏي

ام رباب جو چوڻ آهي ته جوابدار ڌر جي اعتراضن باوجود اڄ عدالت ڪيس جي شاهد اعجاز چانڊيو جو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي، ٻن تاريخن تي جوابدارسردار احمد چانڊيو پيش ناهي ٿيو

هن چيو ته اسان عدالت ۾ درخواست ڏني آهي سردار چانڊيو ڪهڙي سبب ڪري عدالت پيش نه پيو ٿئي ٻڌايو وڃي ته هو بيمار آهي يا ٻاهر ويل آهي جنهن تي عدالت سردار چانڊيو کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي

 ام رباب چانڊيو وڌيڪ چيو آهي ته سردار احمد چانڊيو وارا ڪيس نه هلڻ ۽ بيمارين جو بهانو ڪري دير ٿيڻ جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن

Leave A Comment