ام رباب کي سيڪيورٽي ڏيڻ جو حڪم: ايس ايڇ او جي مشروط ضمانت منظور

جُولاءِ 24, 2023

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو بينچ ام رباب چانديو کي سيڪيورٽي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو جڏهن ته  ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو جي مشروط ضمانت منظور ڪئي وئي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ۾ ميهڙ واقعي بابت 4 ڌار ڌار درخواستن جي ٻڌڻي ٿي گذري ، ٻڌڻي دوران ميهڙ واقعي جي متاثر ام رباب چانڊيو پنهنجي وڪيل صلاح الدين پنهور سميت پيش ٿي، عدالت ۾ ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو ۽ ٻيا پڻ پيش ٿيا

عدالت ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو جي مشروط ضمانت منظور ڪري ورتي جڏهن ته عدالت ام رباب جي سيڪيورٽي جي حوالي سان ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي دادو کي حڪم ڏيندي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

ايس ايڇ او ڪريم چانديو طرفان عدالت ۾ ٽرائل ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس کي منهن ڏيڻ لاءِ قسم نامون جمع ڪرايو ويو

عدالت ٽرائل ڪورٽ کي حڪم ڏنو ته ڪيس جي ٻڌڻي روزاني جي بنياد تي ڪئي وڃي جنهن  بعد درخواستن جي ٻڌڻي 3 ڏينهن تائين ملتوي ڪئي وئي

ان موقعي تي ام رباب چيو ته جوابدارن خلاف ٺوس ثبوت موجود آهن تنهن ڪري اسان پراميد آهيون، اسان عدالت تي يقين رکون ٿا جوابدارن عدالت کان ڊنل آهن انهن کي ڦاهي جي سزا ايندي

سندس چوڻ هو ته جوابدار ڌر طرفان ڪيس ۾ دير وارا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن،  اسان عدالت کي ٻڌايو آهي ته اسان کي خطرو آهي تنهن ڪري روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ڪئي وڃي

Leave A Comment