ام رباب کي ڪجهه ٿيو ته حڪومت ذميوار ھوندي: حافظ نعيم

  ام رباب کي ڪجهه ٿيو ته حڪومت ذميوار ھوندي: حافظ نعيم

ڪراچي: ميهڙ ڄائي  ام رباب چانڊيو ادارا نورحق پھچي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ملاقات ڪئي،  ان موقعي تي حافظ نعيم الرحمان چيو ته  ام رباب جي مائٽن  کي سرداري نظام سبب ماريو ويو آھي ماڊل ڪورٽ ۾ 8 سال ڪيس ھليو ۽ 450 پيشيون ٿيون، ماڊل ڪورٽ ماڊل فيصلو ڏئي انصاف نه ڪري سگهي، هن چيو ته  ام رباب جو ڪيس اکيون کولڻ جهڙو آهي رينجرز ۽ پوليس کي چوان ٿو،  ھٿيارن سان ليس جوبدار ڌمڪيون پيا ڏين،  ام رباب کي تحفظ ڏنو وڃي،  ام رباب کي ڪجهه ٿيو ته سنڌ حڪومت، بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري ذميوار ھوندا، ھن چيو ته اسين ام رباب جو  ڀرپور ساٿ ڏينداسين، اسان جي جدوجهد انصاف جو سبب بڻجندي، ان موقعي تي  ام رباب چيو ته  حافظ نعيم وٽ آئي آهيان، هڪ ٻيو به حافظ آهي، انھن کي ٻڌايان ٿي ته سنڌ جون نياڻيون بيوس ۽ جاگيردار طاقتور آهي، مونکي تحفظ ۽ انصاف ڏيڻ  بدران جاگيردارن کي آزاد ڇڏيو ويو آهي ، هن چيو ته منهنجي والدين جي قتل بابت ڪيس جو فيصلو انصاف جي برعڪس آيو. جنهن خلاف مٿانھين عدالت ۾    وينديس، هن چيو ته  منهنجو ڪنهن به سياسي پارٽي سان تعلق ناهي.