ام رباب ۽ سردار چانڊيو وري آمهون سامهون: ميهڙ ۾ سڀاڻي ڇا ٿيندو ؟

جُون 2, 2023

دادو (رپورٽر) ام رباب ۽ سردار چانڊيو هڪ ڀيرو ٻيهر آمهون سامهون، ام رباب سردار چانڊيو تي دهشت پکيڙڻ جو الزام هڻي ڇڏيو

ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس بابت دادو جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، ام رباب چانڊيو، ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو پيش ٿيا

ڪيس جي ٻڌڻي دوران سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي دادو جي عدالت ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ميهڙ ۾ جلسو ڪرڻ جي معاملي تان ام رباب ۽ سردار چانڊيو آمهون سامهون ٿي ويا آهن

ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چيو آهي ته ٽيڻي قتل ڪيس جي جوابدار سردارن پاران سڀاڻي ميهڙ ۾ جلسو ڪرڻ جو مقصد دهشت پکيڙڻ آهي، منهنجي حياتيءَ کي خطرو آهي

هن چيو ته اسان هر حاضري تي عدالت پهچون ٿا، خطرو آهي پر ڊڄڻ وارا ناهيون، اسان امن امان چاهيون ٿا، اسان انصاف چاهيون ٿا، هنن جي ضمانت رد ڪئي وڃي

پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو چيو ته ميهڙ ۾ اسان جون زمينون ۽ ملڪيتون آهن سياست ڪرڻ ڪو ڏوهه ناهي جو اسان اتي جلسو نه ڪريون

هن چيو ته ڪوڙو ڪيس آهي پاڻ پنهنجي لفظن تان ڦري رهيا آهن

سردار چانڊيو چيو ته ميهڙ ڪنهن جي ابي ڏاڏي جي ملڪيت آهي ڇا ؟ شهر آهي، اسان علائقي جا مالڪ آهيون، ملڪيتن جا مالڪ آهيون جنهن کي نٿو وڻي اهي پنهنجي گهر خوش هجن

Leave A Comment