ميھڙ (رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) 10 ڏينھن اڳ بدين ضلعي جي لنواري شريف واري علائقي ۾ ناري انا انڙ تي تشدد ۽ مبينا قتل واري واقعي بابت نوان انڪشاف، وارثن پاران شفاف جاچ جو مطالبو، فوتڻ ناري کي اغوا ڪري وڪرو ڪرڻ بعد تشدد ڪري قتل ڪرڻ جو الزام
ميھڙ جي ڳوٺ وريام انڙ جي رھواسڻ 10 ڏينھن اڳ بدين ضلعي جي لنواري شريف ۾ ناري انا انڙ کي تشدد ڪري مبينا طور قتل ڪري لاش دفنائڻ وارو مامرو، ناري انا انڙ ۽ سندس ڀيڻ شيرين انڙ پاران پنھنجي ڀاءُ خادم حسين انڙ تي قتل جا الزام ۽ سوشل ميڊيا تي ويڊيوز وائرل ٿيڻ کانپوءِ ناري بابت نوان انڪشاف سامھون آيا آھن
انا انڙ جي وارثن ڀيڻ مسمات بختاور انڙ، ڀائرن خادم حسين انڙ، صدام حسين انڙ، چاچو نور حسين ۽ مڙس رفيق انڙ ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو آھي ته انا انڙ 7 مھينا اڳ پنھنجي مڙس سان ڪاوڙجي پنھنجي ڀيڻ مسمات شيرين انڙ وٽ رھندي ھئي، جتان ھو گم ٿي وئي بعد ۾ اسان کي شيرين انڙ اطلاع ڪيو ھيو ته انا انڙ ڄامشورو ۾ سرڪاري اسپتال ۾ زخمي حالت ۾ پيل آھي، اطلاع تي اسان اسپتال پھتاسين ته انا جو لاش مليو ۽ ھڪ شخص ارشاد ڪاڪيجو نالي ماڻھو ٻڌايو ته انا کيس گولاڙچي ڀرسان روڊ جي پاسي ۾ پنھنجي پٽ سان گڏ زخمي حالت ۾ ملي آھي جنھن کي اسپتال داخل ڪيو پر ھو فوت تي وئي آھي
هنن ٻڌايو ته ارشاد ڪاڪيجو ۽ اسان جي ويجھي عزيز مسمات عظمه جوڻيجو اسان کي بنا پوسٽ مارٽم ۽ بنا جاچ ڪرائڻ سميت زبردستي لاش دفنائڻ لاءِ زور ڀريو،
ھنن چيو ته اسان کي خبر پئي آھي ته انا کي مسمات عظمه جوڻيجو ھڪ ھنڌ وڪرو ڪيو ھيو ۽ مٿس تشدد ڪري زبردستي بيان رڪارڊ ڪرائي ڀاءُ مٿان تشدد جا الزام ھڻائي کيس قتل ڪيو ويو آھي
ھنن مطالبو ڪيو آهي ته انا انڙ جي وڪرو ڪرڻ ، تشدد ، قتل ڪرڻ واري واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. ھنن چيو ته انا انڙ جي ويڊيو بيان ۽ رڪارڊنگ به زبردستي ڪرائي وئي آھي
عظمه جوڻيجو مون کان زبردستي ڀاءُ خادم خلاف بيان ڏياري پاڻ بچائڻ چاھي ٿي: شيرين انڙ
فوتڻ انا انڙ جي ڀيڻ مسمات شيرين انڙ ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو آھي ته انا انڙ منھنجي ڀيڻ ھئي جيڪا پنھنجي مڙس کان ڪجھه مھينا اڳ ڪاوڙجي منھنجي گھر آئي ھئي، بعد ۾ ھو پنھنجي مامي الله ڏنو انڙ وٽ لنواري شريف وئي ھئي بعد ۾ واپس آئي ته منھنجي گھر ڳوٺ وريام انڙ ۾ اسان جي ويجھي عزيز مسمات عظمه جوڻيجو ۽ 3 نامعلوم ماڻھو منھنجي گھر مان انا انڙ کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا، بعد ۾ عظمه انڙ ڌمڪيون ڏنيون ته جيڪڏهن ڪابه ڪارروائي ڪرائي وئي ته ناري جو لاش ملندو. عظمه جوڻيجو مون کان زبردستي ھٿيارن جي زور تي پنھنجي ڀاءُ خادم حسين انڙ خلاف بيان رڪارڊ ڪرائي سوشل ميڊيا تي ھلائي پاڻ کي بچائڻ چاھي ٿي
انا انڙ وڊيو بيان ۾ مڙس ۽ ڀاءُ تي تشدد ڪري روڊ تي اڇلائڻ جا الزام هنيا هئا
واضح رھي ته 10 ڏينھن اڳ بدين ضلعي جي لنواري شريف ۾ انا انڙ کي دفنايو ويو ھيو ۽ سوشل ميڊيا تي سندس ويديو وائرل ٿي ھئي جنھن ۾ مسمات انا انڙ پاران پنھنجي مڙس ۽ ڀاءُ تي تشدد ڪري روڊ تي اڇلائڻ جا الزام ھنيا ويا ھيا
قتل واقعو ڳجھارت بڻيل، پوليس ڪيس به داخل نه ڪري سگهي
پنھنجي اخبار ۾ ھلڻ کانپوءِ ايس ايس پي بدين نوٽيس وٺندي لاڳاپيل ٿاڻي کي جاچ جي ھدايت ڪندي قبرڪشائي ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ھدايت ڪئي ھئي جيڪو ھن وقت تائين معامرو ڳجھارت بڻيل آھي جڏھن تہ اغوا سميت قتل جو ڪيس به داخل نه ٿي سگھيو آھي