حيدرآباد ( بيرو رپورٽ) حيدرآباد ۾ نينگر کي چوري جي الزام هيٺ تشدد ڪرڻ ۽ پوليس کي ڏيڻ واري معاملي تي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي
ھوسڙي جي ڳوٺ حسين بخش رند جي رهواسي نينگر تي هڪ ڏينهن اڳ انبڙيون چوري ڪرڻ جي الزام تان بااثر ماڻهن پاران تشدد ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو هو
ڊي ايس پي هوسڙي جو چوڻ آهي ته نينگر تي تشدد ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو ويو آهي، ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي
فدا حسين لغاري ٻڌايو ته نينگر تي تشدد جي حوالي سان طبي رپورٽ اچڻ کانپوءِ جوابدارن خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويندو
هن کان اڳ وارثن نينگر تي تشدد ڪندڙ احسان، مرتضي ۽ حاجي ميوو خلاف رپورٽ داخل ڪرائي هئي