انب پيدوار۾ 40سيڪڙوگهٽتائي،باغائي پريشان

جُون 2, 2025

ميرپورخاص (رپورٽ: وارث خاصخيلي ) انبن جي ڪري عالمي سطح تي مڃتا ماڻيندڙ ميرپور خاص ضلعي ۾ سرڪاري بي ڌياني سبب زراعت توڙي انبن جي پوکائي ۽ پيداوار تباھي ڪناري تي پهچي وئي آهي، موسمياتي تبديلن، جرکارو هئڻ توڙي اسڪارپ کاتي جا ٽيوب ويل خراب ٿيڻ، ايل بي او ڊي ۽ ٻوڏن جي اثر سبب ميرپور خاص ۾ سميت سنڌ ۾ پوکيل انبن جي باغن جي پيداوار چاليهه سيڪڙو گهٽجي وئي آهي، انب جي اپت گهٽجڻ سبب آبادگارن ڪيترن ئي ايڪڙ تي پوکيل باغ ڀيلائي ڇڏيا آهن، انبن جا باغ 63 ھزار ھڪ سئو ھيڪٽرن مان گھٽجي 13 ھزار 2 سئو 30 ھيڪٽرن تي پھچي وياآهن، سنڌ ھارٽيڪلچر ريسرچ کاتي سميت ضلعي انتظاميا باغن کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو آهي، ان ڏس ۾ گڏ ڪيل انگ اکرن موجب 33 ھزار 75 ايڪڙن تي باغ لڳل آھن ۽ 10 کان 15 سيڪڙو پيداوار گھٽ ٿي آھي، سنڌ ۾ سنڌڙي، سرولي، لنگڙو، چونسو، نيلم، دسهڙي، گلاب خاص، بيگڻ پلي، صالح ڀائي، بمبئي الفاسو سميت ڪمرشل 20 جنسون آبادگارن وٽ لڳل آھن، جڏهن ته سنڌ ھارٽيڪلچر ريسرچ اداري جي باغن ۾ 2 سئو جي لڳ ڀڳ انبن جون جنسون پوکيل آھن، جر جي کاري پاڻي جو سيلاب مٿي اچڻ، برساتي ٻوڏن، پاڻي جي ھٿرادو کوٽ، ايل بي او ڊي جي سم مالن ۽ بند ٿي تباهه ٿيل ٽيوب ويلن، ماحولياتي تبديلين ۽ شھرن ڀرسان باغن کي ڪاٽي رھائشي ڪالونيون ٺاھڻ ڪري انبن جي باغن کي وڏو ڪاپاري پھتو آھي ۽ انبن جو وزن به گھٽ ۽ اڳوڻي مٺاس ناھي رھي، ٻئي طرف آباد گار اڳواڻ ريسرچ کاتي جي انگ اکرن کي رد ڪندي چيو آھي ته باغن جي عروج وقت باغ 30 ھزار ايڪڙن تي موجود هئا جيڪو تباھي بعد 15 ھزار ايڪڙن جي لڳ ڀڳ بچيا آھن.

ميرپورخاص: انگريز دور ۾انب جي پوکي جي شروعات ٿي

سنڌ ۾ انب جي پوکائي سالن کان ھلي پئي 1899ع ۾ جمڙائو ۽ مٺڙائو جي لائينپ ٿيڻ سان ميرپورخاص ايريا کي انبن لاءِ ڊڪليئر ڪيو ويو،  انگريزن جي دور 1904 ۾ انب پوک کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ميرپورخاص ۾ سنڌ ھارٽي ڪلچر ريسرچ ادارو قائم ڪري ننڍي کنڊ جي مختلف ملڪن مان انبن جون جنسون وٺي چڪاس ڪري ميرپورخاص انب جي پوکي جي شروعات ڪئي وئي هئي، ميرپورخاص جو سنڌڙي انب دنيا ۾ مشھور آھي، سنڌ مان ڏيڍ کان ٻه لک ٽن انب ايڪسپورٽ ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪراچي ۾ به ھڪ تمام وڏي انبن جي مارڪيٽ لڳندي آھي، جنھن مان ڪراچي واسي وڏي تعداد ۾ انب خريد ڪن ٿا.

ٽيوب ويل خراب ۽ کاري جر سبب باغ تباهه ٿيا: آبادگار

 ميرپور خاص: سنڌ جي مشهور سوکڙي سنڌڙي انبن بابت پنھنجي اخبار پاران ڪيل سروي دوران آبادگار اڳواڻ عمر ٻگھيو، ذوالفقار علي ڪاڇيلو، آبادگار خادم حسين بھراڻي ۽ ٻين ٻڌايو آھي ته ميرپورخاص ضلعي ۾ 2022 واري برساتي ٻوڏ، ايل بي او ڊي جا ٽيوب ويل خراب ۽ تباهه ٿي وڃڻ سبب جر جو واٽر ليول مٿي اچڻ ڪري باغن کي وڏو نقصان پھتو آھي، باغ ھاڻي گھٽجي 15 ھزار ايڪڙن جي لڳ ڀڳ بچياآھن، اسان جا باغ به سڪي ويا ھئا، باغ کي بچائڻ لاءِ پنھنجا ذاتي ٽيوب ويل لڳائي باغ بچايا آھن، انهن مطالبو ڪيو ته سرڪار کي فوري طور واٽر ليول کي گھٽائڻ لاءِ اسڪارپ جا ٽيوب ويل ٻيھر بحال ڪري جر ليول گھٽائڻ لاءِ تحرڪ وٺي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سنڌ ۾ پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي، عوام اڻڄاڻ

  • حڪومت پئٽرول جا اگهه وڌائي ڇڏيا

  • رستم: ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا مبينا اغوا

  • شڪارپو مان اغوا ٿيل نينگر بازياب