انتشار مناسب نه آهي، خواهش آهي ته چونڊون سياسي ۽ معاشي استحڪام آڻين: آرمي چيف جنرل عاصم منير
فيبروري 10, 2024
25 ڪروڙ آباديءَ واري اسرندڙ ملڪ لاءِ انتشار مناسب نه آهي، خواهش آهي ته چونڊون سياسي ۽ معاشي استحڪام آڻين: آرمي چيف جنرل عاصم منير جون ڪاميابيءَ سان چونڊون ٿيڻ تي قوم، نگران حڪومت، اليڪشن ڪميشن ۽ سياسي جماعتن کي واڌايون، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف چيو ته عوام جي چونڊ عمل ۾ آزاداڻي شرڪت جمهوريت لاءِ هنن جي عزم جو ثبوت آهي، ميڊيا، سول انتظاميا ۽ عدليه جي تعميري ڪردار ڪاميابي سان قومي تاريخ جي سڀ کان وڏي چونڊ ٿيڻ کي يقيني بڻايو، دعا آهي ته هي چونڊون پاڪستان جي لاءِ امن ۽ خوشحالي آڻين، چونڊون کٽڻ ۽ هارائڻ جو معاملو نه پر عوامي مينڊيٽ جي تعين جي مشق آهي، چونڊون ۽ جمهوريت پاڪستان جي عوام جي خدمت جو ذريعو آهن، ڏکيائين باوجود چونڊن لاءِ محفوظ ماحول ٺاهڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سڀ کان وڌيڪ واکاڻ جا مستحق آهن