| انتشار ڦهلائيندڙ عمران ۽ ملڪ دشمن پارٽي تي پابندي لڳايو: پنجاب اسيمبلي مان ٺهراءَ منظور |
لاهور (م ڊ) باني پي ٽي آءِ ۽ سندس پارٽي تي پابندي لڳائڻ جي قرارداد پنجاب اسيمبلي مان منظور ڪئي وئي، ٺهراءَ مسلم ليگ (ن) جي اسيمبلي ميمبر طاهر پرويز ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ملڪ خلاف بيان بازي ڪري انتشار ڦهلائڻ ۽ پاڪستان جي مخالف دشمن ملڪ جي ساٿي پارٽي ۽ ان جي باني ۽ اڳواڻن تي پابندي هنئي وڃي، قرارداد ۾ اهو به چيو ويو ته جيڪي اڳواڻ پاڪستان جي سلامتي ۽ استحڪام خلاف ڳالهائين ٿا چاهي ان جو تعلق ڪنهن به سياسي ۽ غيرسياسي پارٽي سان ڇو نه هجي ان خلاف ملڪي قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انهن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان پاڪستان جي استحڪام حفاظت لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن جي جوانن ۽ انهن جي سربراهن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو