| انتظامي لاپرواهي: ٺل ۾ گم ٿيل معصوم نينگر جو کليل گٽر نالي مان لاش هٿ |
ٺل (رپورٽ: حفيظ سومرو) ٺل ۾ ٻن ڏينهن کان گم ٿيل ٻالڪ جو کليل گٽر نالي مان لاش هٿ ڪيو ويو، ميونسپل انتظاميه تي لاپرواهي جو الزام، شهر جي شهيد الله بخش سومرو ڪالوني واسي ٻن ڏينهن کان گم ٿيل معصوم ٻارڙي 5 ورهين جي منصب پٽ صدام ٻرڙو جو هنڊا موٽر شوروم آڏو کليل گٽر نالي مان لاش هٿ ڪيو ويو، اهڙي اطلاع تي نينگر جا وارٽ ۽ علائقي واسي واقعي واري هنڌ پهچي معصوم نينگر جو لاش کڻائي گهر منتقل ڪيو، معصوم ٻار جو لاش گهر پهچائڻ تي سندس امڙ ۽ والد اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪيون ته پورو محلي جو ماحول سوڳوار ٿي ويو، جڏهن ته نينگر جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سميت ٻرڙا برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جتي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.ٻي طرف نينگر جي والد صدام ٻرڙي،سندس چاچي ۽ محلي واسين ٻڌايو ته ميونسپل انتظاميه جي لاپرواهي سان گڏ نااهلي به آهي، اسان جو معصوم نينگر کليل گٽر نالي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿيو آهي، جڏهن ته اهو نالو شهر جي مين روڊ تي واقعي آهي، جتي خانگي اسڪول توڙي محلي جا ٻار توڙي وڏن جو اچڻ وڃڻ ٿئي ٿو پر انتظاميه جي ايتري لاپرواهي آهي، جو اهو نالو کليل آهي، ان تي چاپڙ ناهن رکيا ويا، هنن چيو ته اسان جي ٻار جي موت جو ذميوارا ميونسپل انتظاميه آهي.
| کليل گٽر بند نه ٿيا، 3 ورهين ۾ 3 معصوم ٻار فوت ٿي چڪا |
ٺل: ميونسپل انتظاميه جي لاپرواهي،3 سالن اندر 3 معصوم ٻارڙن کليل گٽر نالن حياتيون ڳڙڪائي ويا آهن. گڏ ڪيل معلومات موجب هڪ سال اڳ 5 ورهين جي معصوم نينگري آمنه ڌيءُ نصر الله قريشي،2 سال اڳ بلوچ ڪالوني اندر احمد رضا سومرو کليل گٽر نالي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿيو هو، جڏهن ته هاڻي وري معصوم گلن جهڙو ٻار منصب علي ٻرڙو کليل گٽر نالي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو، ان حوالي سان شهرين محمد ابراهيم ڪنراڻي،وسيم قريشي،بشير سرڪي، شعيب نوناري ۽ ٻين چيو ته انتظاميه جي لاپرواهي جي ڪري هر سال اسان پنهنجي گلن جهڙي ٻارڙن جا لاش کليل گٽر نالي مان ڪڍون ٿا.
نينگر شهيد ٿيو آهي، جلد نالو بند ڪرايو ويندو: سهراب سرڪي
ٺل: پ پ ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي ٻڌايو ته مون کي افسوس ٿيو آهي ته معصوم نينگر کليل نالي ۾ ڪري فوت ٿيو آهي، سندس چوڻ هو ته هي نالو بلڪل پراڻو آهي، جيڪو کليل آهي مان سمجهان ٿو ته معصوم نينگر شهيد ٿيو آهي هن چيو ته مان وارثن سان رابطو ڪري معلومات ورتي به آهي مان انهن کي چوندس ته لاش جي پوسٽ مارٽم ڪرايو وڃي اسان ڪوشش ڪنداسون ته جلد ان نالي کي چاپڙ ڏياري بند ڪرايو ويندو.
معصوم ٻار جي کليل نالي ۾ ڪري فوت ٿيڻ تي شرمسار آهيان: چيئرمين
ٺل: ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين شاهزيب سرڪي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ناڪامي جو اعتراف ڪندي چيو ته معصوم ٻار جي کليل نالي ۾ ڪري فوت ٿيڻ تي شرمسار آهيان، اها اسان جي ناڪامي آهي، جو معصوم گلن جهڙو ٻار حياتي وڃائي ويٺو آهي، مان انهن والدين جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، اصل ۾ اهو ڊرينيج جو سسٽم پراڻو آهي نئين ڊرينيج جي اسڪيم آئي آهي باقي ٺل واقعي تي مونکي افسوس ٿيو آهي.