ڪراچي: گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته سنڌ جي جاگرافيائي وحدت بابت ڪنهن به تجويز تي عوامي ۽ پارلياماني بحث ضروري آهي. ان حوالي سان ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ گھرو وزير ضياالحسن لنجار ڳالهائيندي چيو ته نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن بابت اهڙيون تجويزون سامهون آيون آهن، جن سان سنڌ جون موجوده جاگرافيائي حدون تبديل ٿي سگهن ٿيون، سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ امڪاني تبديلي بابت تجويزن ۽ سفارشن تي ايوان ۾ بحث ڪيو ويو، نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي قيام بابت تجويزن سنڌ ۾ نئين عوامي بحث کي جنم ڏنو. هن چيو ته اهڙين تجويزن تي غور ڪيو پيو وڃي، جن جي نتيجي ۾ سنڌ جون موجوده جاگرافيائي حدون تبديل ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي معاملي تي سياسي جماعتن کي پنهنجو واضح موقف عوام آڏو رکڻ گهرجي. ضياالحسن لنجار وڌيڪ چيو ته ڪراچي جو امن امان خراب آهي ته ان کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، انتظامي يونٽس ٺاهڻ مسئلي جو حل ناهي. اوهان جي حڪومتي دور ۾ ڪراچي ۾ ڪرائيم ريٽ 20 سيڪڙو تائين گهٽجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي، ڪراچي ۾ اڃا به ڏوهن جو مسئلو موجود آهي، پر شهر ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال اڳ کان بهتر ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ڪراچي کي انتظامي يونٽن ۾ ورهائڻ لاءِ ڏوهن کي بنياد بڻائڻ درست ناهي. ڪراچي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سيف سٽي سميت سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ نظام تي ڪم ڪيو پيو وڃي. ڪراچي ۾ سيف سٽي منصوبي جي ٻئي مرحلي جي منظوري به ڏني وئي آهي. هن چيو ته ڪراچي جي انتظامي بهتري لاءِ موجوده نظام کي بهتر بڻايو وڃي، شهر کي ورهائڻ جي ضرورت ناهي. ڪراچي جو دنيا جي وڏن شهرن سان مقابلو ڪري انتظامي يونٽس ٺاهڻ جي تجويز قبول ناهي. جيڪڏهن ڪراچي ۾ مسئلا آهن ته انهن جي حل لاءِ وسيلا ۽ انتظامي صلاحيت بهتر بڻائي وڃي. هن چيو ته مان 88 هزار ووٽرن جي نمائندگي ڪريان ٿو، منهنجو تڪ سنڌ جي عين وچ ۾ واقع آهي، منهنجي تڪ جي عوام جا سنڌ جي وحدت بابت جذبات انتهائي واضح آهن. دادو جي علائقي ۾ هڪ ننڍڙي زمين جي معاملي تي به سنڌ جي عوام پنهنجي تاريخي حق لاءِ آواز اٿاريو. محدود علائقي جي معاملي تي به سنڌ جي عوام واضح ڪري ڇڏيو ته سنڌ جو تاريخي حصو ڪنهن به صورت ۾ نٿو ڏئي سگهجي. سنڌ جا عوام پنهنجي ڌرتي جي هڪ ننڍڙي حصي بابت معاملي تي به متحد ٿي بيهي رهن ٿا. جيڪڏهن سنڌ جي هڪ ننڍڙي علائقي جي معاملي تي عوام جا جذبات ايترا شديد آهن ته سنڌ جي ورهاست جو تصور ڪيترو حساس هوندو؟ سنڌ جا عوام پنهنجي تاريخي زمين ۽ جاگرافيائي وحدت جي تحفظ تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندا، سنڌ جي تاريخي حدن ۽ ڌرتي سان عوام جي وابستگي کي معمولي معاملو نه سمجهڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ انتظامي يونٽس ٺاهڻ جي ڳالهه حيران ڪندڙ آهي. سنڌ کي انتظامي يونٽن جي نالي تي ورهائڻ جي ڪا به تجويز قبول ناهي. سوال اهو آهي ته اوهان ڪنهن جي هدايتن تي سنڌ ۾ نون انتظامي يونٽن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو؟ اسان جي دوستن کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي، موجوده حالتن کي سنجيدگي سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. بلوچستان ۾ جيڪي حالتون آهن، اسان کي انهن مان سبق سکڻ گهرجي. ملڪ ۽ خاص طور بلوچستان جي موجوده صورتحال کي نظرانداز ڪري سنڌ ۾ حساس معاملن کي نه ڇيڙڻ گهرجي. سنڌ جي ورهاست يا نون انتظامي يونٽن بابت بحث جي نتيجن تي سنجيدگي سان غور ڪرڻو پوندو.