| انتظامي يونٽ اهڙا هجن جن جي وفاق سڌو فنڊنگ ڪري: وفاقي وزير |
اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ ن جي وفاقي وزير اهڙا انتظامي يونٽ ٺاهڻ جي تجويز ڏني آهي جن کي وفاق کان سڌو سنئون فنڊ فراهم ڪيا وڃن. نجي ٽي ويسن ڳالهائيندي طارق فضل چوڌري انتظامي يونٽ ٺاهڻ جي حمايت ڪندي چيو آهي ته انتظامي يونٽ اهڙا هجڻ گهرجن جن کي صوبن جيان وفاق سڌي طرح فنڊ فراهم ڪري. هن چيو ته هي نظام ۽ هي ئي سسٽم رهيو ته ڪا بهتري نه اچي سگهندي