“انتهاپسندي کان آجي سنڌ” اڄ ايڪتا عيد: نفرتن کي شڪست: ڌرتي جي خوشحالي جا وچن ٿيندا
ڊسمبر 1, 2024
ڪراچي(نمائندن وٽان )سنڌ سان سنڌ جي ميلاپ جو ڏينهن، روزاني پنهجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي سڏ تي سموري سنڌ ۾ انتها پسندي کان آجي سنڌ جي سري هيٺ ايڪتا ريليون نڪرنديون ڪراچي ۾ مُک ايڪتا تقريب واءِ ايم سي گيٽ اڳيان ٿيندي، جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا فنڪار طفيل سنجراڻي، احمد مغل، غلام علي سمون ۽ ٻيا فن جو مظاهرو ڪندا، ملير، ڪياماڙي، گلشن اقبال، گلستان جوهر، لياري، ڪلفٽن ۽ ٻين علائقن مان سنڌو واسي قافلن جي صورت ۾ مک ريلي ۾ شريڪ ٿيندا، ٽائيم نيوز جي مُک تقريب لاءِ مرڪزي اسٽيج سجايو ويو آهي، جڏهن ته مختلف هنرمندن اجرڪ، ٽوپي، گج ۽ ڀرت ڀريل ثقافتي لباسن جا اسٽال پڻ لڳائي ڇڏيا آهن، ٺٽي ۾ به پريس ڪلب جي اڱڻ تي مک تقريب ٿيندي، جنهن ۾ قومي راڳي سرن جي ورکا ڪندا، بدين جي ايوان صحافت هال ۾ مک تقريب رٿي وئي آهي، مختلف سڄاڻ ڌريون گڏجي منڊل مچائينديون، الهڏنو جوڻيجو ۽ ٻيا تند ڇيڙي سرن جي ورکا ڪندا، عمرڪوٽ ۾ ايڪتا ڏھاڙي جي مک تقريب پريس ڪلب آڏو ٿيندي، پي ٽي آءِ جو اڳوڻو ايم اين اي لال مالھي شهر جي راما پير چوڪ کان وڏي ايڪتا ريلي جي قيادت ڪندي تقريب ۾ شريڪ ٿيندو، تقريب ۾ مقامي راڳي حنيف فقير مڱڻھار، مور جوڳي ۽ ٻيا فن جو مظاھرو ڪندا، مٺي ۾ اڄ مک تقريب ميونسپل ڪاميٽي چوڪ تي ٿيندي، راجپوت برادري، ڀيل انٽيڪچوئل فورم ۽ مختلف اسڪولن جون ايڪتا ريليون ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي مک تقريب ۾ پهچنديون، جتي انڊلٺي رنگن وارو اسٽيج تيار ڪيو ويو آھي، مک تقريب ۾ ڪريم فقير، زوار فقير، مريم ناز ۽ ٻيا فنڪار فن جو مظاهرو ڪندا، سکر ۾ ايڪتا عيد واري ڏينهن ريليون ۽ مک تقريبون رٿيون ويون آهن، پريس ڪلب ۽ گلوب چوڪ تي مک تقريبون منعقد ٿينديون، سکر، باگڙجي، نئون ڳوٺ، پراڻو سکر، تماچاڻي، بچل شاهه سميت مختلف علائقن ۾ قومپرست، سماجي، واپاري ۽ سول سوسائٽيءَ جي تنظيمن پاران ريليون ڪڍيون وينديون، ايڪتا عيد جي آجيان لاءِ شمع بردار ريلي ۽ رات جو دير سان خوشيءَ ۾ آتشبازيءَ جو مظاهرو ڪيو ويندو، هر سال جوڳي فقيرن پاران نانگن کي نچائي منفرد ريلي ڪڍي ويندي، نوابشاهه ۾ ايڪتا جي مک تقريب پريس ڪلب آڏو رٿي وئي آھي، جتي ريليون پهچنديون، ھر سال جيان ھن سال به پهرين ريلي حق صوفي ازم ورلڊ پاران فقير جي ايم ڏاھري المعرف مست پروازي جي فقيرن جي ھائوسنگ سوسائٽي نوابشاهه کان نڪرندي جڏهن ته جسقم، ترقي پسند پارٽي سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن، وڪيلن اديبن، تعليمدانن ۽ مختلف برادرين جون وڏيون ريليون به پريس ڪلب آڏو پهچنديون، ڪشمور ۾ ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ، سٽيزنز ويلفيئر ايڪشن ڪاميٽي، شھري اتحاد طرفان مسلم بازار، شاھي واھ روڊ، نادرا چوڪ کان ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار جي سڏ تي ريليون نڪرنديون، مک تقريب ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو ٿيندي، مقامي فنڪار فن جو مظاهرو ڪندا. شڪارپور ۾ مک تقريب ھزاري در چوڪ وٽ رٿي وئي آهي، شھر جا فنڪار پنھنجي فن جو مظاھرو ڪندا، مختلف تنظيمن جون ريليون ھزاري در چوڪ جي مک تقريب ۾ شريڪ ٿينديون. قمبر ۾ مختلف سياسي سماجي، واپاري ۽ ادبي تنظيمن جون ريليون ڪرڪيٽ گرائونڊ تي گڏ ٿينديون، جتان انتها پسندي کان آجي سنڌ جي عنوان سان مک ايڪتا ريلي ڪڍي ويندي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي ڀٽو چوڪ تي پهچندي، جتي جلسو ڪيو ويندو. سگھڙ ڪچهري ۽ مشاعرو به ٿيندو. جيڪب آباد ۾ مک تقريب ڊي سي روڊ تي پريس ڪلب آڏو ٿيندي جڏهن ته پ پ (شهيد ڀٽو)، ترقي پسند پارٽي، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي، جسقم، شهري اتحاد جون ريليو مک تقريب ۾ پهچنديون، سنڌ جا ناليوارا فنڪار گل زيب پنهور، امداد علي لاشاري، حضور بخش ۽ ٻيا سر وکريندا. ڪنڌڪوٽ ۾ مک تقريب پريس ڪلب ۾ ٿيندي، مختلف سياسي تنظيمن جا ڪارڪن ريليون ڪڍي پريس ڪلب پهچندا، پريس ڪلب اڳيان مک تقريب ۾ سنڌ جا مشهور فنڪار عرفان اعواڻ، سڌير شيخ ۽ ٻيا فن جو مظاهرو ڪندا. لاڙڪاڻي ۾ ايڪتا جي مک تقريب شهر جي جناح باغ چوڪ تي ٿيندي ، شهر جي واپاري تنظيمن جا اڳواڻ ، سياسي سماجي، قومپرستن تنظيمن جا ڪارڪن ايڪتا جو وچن ورجائيندا، ايڪتا تقريب ۾ ناليوارا فنڪار سڄڻ مائري، سليم رضا ڪنڀر، راجا سمون، شيراز عباسي، ليلا سورٺ ۽ ٻيا قومي گيت ڳائي سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪندا. خيرپور ۾ اڄ ايڪتا ريلي صبح جو 11 وڳي خاڪي شاهه پل کان ڪڍي ويندي، جيڪا پنجگلا چوڪ کان ٿيندي ڇٽي چوڪ پهچندي، جتي اڳواڻن طرفان خطاب ڪيو ويندو, فنڪار سرن جي ورکا ٿيندي، ميرپورخاص ۾ اڄ ايڪتا جي مرڪزي تقريب سٽِي پريس ڪلب سامهون ميرپورخاص حِيدرآباد مين روڊ تي ٿيندي، جنهن ۾ وساڻ هائوس تان ڪارن جي شاندار ريلي شريڪ ٿيندي، شام جو راڳ رنگ جي محفل ٿيندي، جنهن ۾ نامور راڳي سرن جي ورکا ڪندا، حيدرآباد ۾ ايڪتا عيد جي مک تقريب پريس ڪلب آڏو ٿيندي، جتي شهر جي مختلف علائقن مان ريليون نڪري پريس ڪلب پهچنديون. حيدرآباد شهر، لطيف آباد، قاسم آباد ۽ تعلقي ٻهراڙي مان مختلف سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ صحافتي تنظيمن جون ريليون نڪرنديون، جيڪي مختلف رستن تان ٿينديون مک تقريب ۾ پهچنديون. ايڪتا ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ حيدر چوڪ، حسين آباد چوڪ، نسيم نگر چوڪ، شهباز چوڪ ۽ ٻين هنڌن تي ڪئمپون به قائم ڪيون وينديون، هوڏانهن سنڌ ثقافت کاتي ايڪتا جي حوالي سان مک تقريب جو اهتمام سنڌ ميوزيم ۾ ڪيو ويو آهي، جتي پڻ فنڪار قومي گيت جهونگاريندا. ٽنڊي محمد خان جي ريلوي اسٽيشن کان مختلف سياسي سماجي ۽ قومپرست پارٽين پاران الڳ الڳ ثقافتي ريليون ڪڍيون وينديون، جيڪي شهر جي مختلف علائقن مان ٿيندي ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب پهچي مک تقريب ۾ شرڪت ڪنديون ، پريس ڪلب تي لوڪ فنڪار ثريا سومرو، سونيا سومرو، جانب بلاولي ۽ ٻيا فن جو مظاهرو ڪندا. ٻئي طرف دادو ۾ پريس ڪلب آڏو ڪچهري روڊ تي مک تقريب ٿيندي، جنهن ۾ اسلم راهي، حبدار سخيراڻي، مهڪ ماروي، صنم ماروي ۽ ٻيا فنڪار قومي گيتن جي ورکا ڪندا، مٽياري جي پريس ڪلب آڏو مک تقريب رٿي وئي آهي، جنهن ۾ سموريون ريليون شامل ٿينديون.