“انتها پسندي کان آجي سنڌ” جي سري هيٺ ٽنڊوڄام ۽ ڀرپاسي ايڪتا جا رنگ نکري پيا
نومبر 21, 2024
ٽنڊوڄام (رپورٽ: اظهر لوچي) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي انتها پسند کان آجي سنڌ جي سري هيٺ ملهائڻ واري اعلان کان پوءِ ٽنڊوجام ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ايڪتا تقريبون شروع ٿئي ويون، مختلف اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون سميت سمورو ٽنڊوجام به ثقافتي رنگن جهرڪي پيو آهي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ آخري سال جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ايڪتا تقريب ڪوٺائي وئي، زرعي يونيورسٽي جي آئي ٽي فيڪلٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ريلي ڪڍي وئي، زرعي يونيورسٽي جي سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌ جي ثقافتي رنگن جون ڊريس پائي سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو، جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران گهوٽ ڪنوار بڻجي ويا، جڏهن ته رسمون لائون، رخصتي توڙي سمورين رسمون به ادا ڪيون ويون. هوڏانهن ٽنڊوجام جي خانگي توڙي سرڪاري اسڪولن ۾ ثقافتي تقريبن جو سلسلو به شروع ٿئي ويو آهي، مخلتف شاگردن پاران ٽيبلو، قومي گيتن تي رقص به ڪيو ويو، هوڏانهن ٽنڊوجام جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ مخلتف پارٽين پاران به ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ جي موٽ ڏيندي ثقافتي پروگرام، مشاعرا ڪرائڻ جو وچن ڪندي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ کي ڀرپور موٽ ڏني آهي، هوڏانهن ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان مختلف علائقن ۾ ريلي توڙي ٻيا پروگرام ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي، ٽنڊوجام شهر به ثقافتي رنگن سان رنگجي ويو آهي.