تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

انسانن جا جانورن ۽ پکين بابت عجيب و غريب رويا … منظور ھاليپوٽو

ڪائنات ۾ انسان نه صرف ڌرتي جي گولي تي ھرھڪ شي کي سمجھڻ لا کوجنا ڪئي آ پر چنڊ تي پھچي وڃي مشاھدا ڪري معلومات حاصل ڪري آيو آهي. اھڙين عجيب و غريب کوجنائن جو ذڪر ايندڙ مضمون ۾ ڪيو ويندو اڄ اسان ڌرتي جي گولي تي موجود جانورن پکين بابت انساني عجيب غريب روين بابت پڙھنداسين. ان ۾ انسان ڪڏھن جانور کي مختلف لقب ڏئي دشمن، ڪڏھن دوست، ڪڏھن نڀاڳو سڀاڳو چئي پنھنجي قسمت سان پڻ ڳنڍيو آھي. ڪڏھن پکين ۽ جانورن کي رابطي جو ذريعو سمجھيو آھي انھن جو سلسليوار ذڪر ڪجي ٿو.
ٻلي :ھڪ گھريلو جانور آھي جيڪا گھر ۾ موجود ڪوئا، نانگ، بلا ٻين زھريلي جيتن  کي کائي ناس ڪري ڇڏيندي آھي. ٻلي جي وڏي خاصيت اھا آھي ته اها ڪاڪوس ڪري ان کي پوري ڇڏيندي آھي. سيڪيورٽي جي ايتري ماھر آھي پنھنجي ٻچن تازي ڄاول ٻچن کي جيستائين پاڻ ڀرا نه ٿين تيسين مختلف جاين تي لڪائيندي رھندي آ. ان لا چوڻي مشھور به آھي ٻلي ويامي ست گھر مٽائي. ٻلي پنھنجو منهن چڱي طرح صاف ڪندي آھي. اڳئين پير کي زبان سان آلو ڪري باقاعدي ٻـ ٽي منٽ منھن تي  گھمائيندي رھندي آهي. جڏھن ٻلي اھڙو عمل ڪندي آهي ته چوندا آھن ته ٻلي منھن پئي ڌوئي پڪ اڄ مھمان ايندا. ٻلي کي ڪڏھن وري خراب لفظن ۾ پڻ ياد ڪيو ويندو آھي، ڇاڪاڻ ته جڏھن مالڪ ماني کائڻ تي ويھندو آھي، ٻلي بک جي ڪري ميائون ميائون ڪري کاڌو گھرندي آھي، تڏھن چوڻي آھي ٻلي چوندي اللھ سائين مالڪ کي انڌو ڪر مان انھن سان گڏجي کاوان ۽ ڪتو چوندو آهي ته الله سائين مالڪ کي ايترو ڏي جو مالڪ پاڻ بـ کائي ۽ مونکي بـ ڏئي. ٻلي جنسي طلب دوران وڏي واڪي ميائون ڪري نر کي ڳوليندي  آھي. جڏھن ته اھو عمل تقريبن سڀني جانورن ۾ ٿيندو آهي پر ٻليءَ جو مسلسل ۽ تيز آوز ڪري ماڻھن جو چوڻ آھي ٻلي ڪا چغلي کنئي ھئي ان ڪري ان وقت جي  نبي پاراتو ڏيندي چيس تون سدائين خواري کنيو وتندين. ڪن ماڻھن جو خيال آھي اگر رستي ۾ ويندي ڪاري ٻلي تي اک پئي تـ ان ڏينهن  ڪو ڪم ڪار نـ ٿيندو. . ڪتو: اھڙو الزام انسان ڪتي تي بـ ھنيو آهي حضرت نوح جي ٻيڙي ۾ جنسي عمل ڪرڻ ڪري نوح نبي بددعا ڪئي ته توهان سدائين گانڊڙبا وتندئو. 
ڪوئا:ڪوئو جنگھلي جانور آھي جھنگ ۾ کاڌ خوراڪ جي کوٽ جي ڪري گھرن ڏانھن رخ ڪندو آھي. ڪوئي جو ڪاڪوس ڦولڙي ڏاڍي خطرناڪ ھوندي آھي ان مان ڪالرا جھڙي وبا جنم وٺندي آھي. ماڻھن جو خيال آھي ڪوئا انساني ٻولي سمجھن ٿا، ان ڪري جنھن گھر ۾ڪوئا ھوندا آھن ان ۾ ڪوئي جو نالو کڻڻ بدران آھستي گھر ڌڻي چئي ڳالھه ڪبي آھي. مثال اسان جي گھر ۾ گھر ڌڻين آزار ڪري ڇڏيو آھي. ڪڏھن  ٺٺڙا ڪري نالو وٺبو آھي اھا منھنجي اکين ڏٺي ڳالھه آھي اڄ به پوڙھيون عورتون آھستي گھر ڌڻي چئي پوءِ ڳالھه ڪنديون آھن. ننڍو ٻار مذاق ۾ ڪوئن کي گھٽ وڌ ڳالھائيندو آهي ته عورتون منع ڪنديون آھن: چپ ڪر  ائين نه ڪر نه ته رات شلوار ٽڪي ويندئي. معافي وٺين. ايتري قدر اگر ٻلي ڪوئن تي ضابطو نه آڻي سگھندي آهي پوءِ عورتون مرشد جو مھابو ڊوھي وجھنديون آھن ته ھتان نڪري وڃو.
 نانگ:زھريلو ريڙھيون پائيندڙ جانور آھي ان لاءِ کوڙ ساريون ڪھاڻيون مشھور آھن ته دولت جيڪا زمين ۾ پوربي آھي ان تي نانگ قبضو ڪري ويھندو آھي. جيسين وارث نه ايندا تيستائين نانگ ملڪيت جي چوڪيداري ڪندو رھندو آھي. اگر نانگ کي ماريو ٿا ان جون اکيون چٿڻ گھرجن نه ته نانگ جو دوست يا مائٽ نانگ جي اکين ۾ توھان جي تصوير ڏسي پوءِ اوھان کان پلاند وٺندو. نانگ جي وير بابت کوڙ ڪھاڻيون مشھور آھن. ڪڏھن نانگ کي جن، ڪڏھن فقير درويش سمجھي نه ماريو ويندو آھي. 
گدڙ: هي ھڪ جھنگلي جانور آھي اڪثر ڪتن جو شڪار ٿي ويندو آھي. گدڙ جي سياڻپ ڏاھپ جا خاص ڪري ٻاراڻي ادب توڙي فلسسفي ۾ کوڙ ڪھاڻيون قصا مشھور آھن. ماڻھن جو خيال آھي ته گدڙ سڀاڳو جانور آھي، اگر منھن ۾ پيو تـ ٻيڙا پار، جنھن ڪم لا وڃو پيا اھو  يقينن ٿي ويندو.
ڪانو: ھڪ اھڙو پکي آھي جڏھن گھر اچي ڪان ڪان ڪندو آھي مھمان اچڻ سانباھا سمجھيا ويندا آھن. گهر جا مالڪ ڪانو سان گفتگو  ڪندا آھن. مختلف نالا وٺي پڇندا آھن ڪير ٿو اچي جڏھن ڪانو آخري نالو وٺڻ بعد ان طرف اڏري ويو جنھن طرف ان ماڻھو جو ديس ڳوٺ آھي پڪ ٿيندي ان طرف جو اھو ماڻهو  اچي پيو جنھن جو نالو ورتوسين. ڪانوکي تمام وڏي عمر جو پکي پڻ سمجھيو ويندو آھي. چوڻي آھي: ڪانو کي بجو (ڀونڊو) نـ ڏجي متان نبي پاڪ واري زماني جو نـ ھجي. اگر ڪو دشمن يا ناپسنديده ماڻھو وڏي ڄمار جو ھوندو آھي چوندا آھن ڪانو جي ھڏي کاڌل اٿس ڪٿي ٿو مري!
ڪڪڙ: گھريلو پکي آهي جيڪو گوشت ۽ بيدن لا پاليو ويندو آھي. ڪڪڙ کي بخار يا ڪو طبي مسئلو ٿيندو آھي ته پاسي ڀر کنڀ ٽيڙي ٽنگون ٻاھر ڪڍي ڪجھه گھڙين لاءِ   اس ۾ ليٽي پوندو آھي، مالڪ چوندا آھن تـ ڪڪڙ کي بخار ٿيو آھي. مھمان ٿو اچي. پاڻي کي اڇلڻ بعد اگر پاڻي ڌڌڪو ڌٻڪو يا پڙلاءُ ڪري آواز نڪري ته به مھمان اچڻ جو پيغام سمجھيو ويندو آھي.
چٻرو: ھڪ جھنگلي پکي آھي جيڪو سياڻن پکين ۾ شمار ڪيو ويندو آھي، ڪڏھن ماڻھو جي چرپر جو نقل پڻ ڪندو آھي اڪثر قبرستانن، ڦٽل ڄڳھن يا پراڻن وڻن ۾ رھندو آھي، خاص ڪري رات جو ظاھر ٿيندو آھي. چٻري کي انسان ذات لاءِ نڀاڳو پکي سمجھيو ويندو آھي. اگر انساني آبادي ۾ ايندو آهي ته ان کي بدقسمتي يا نڀاڳ جي علامت سمجھي ان کي ڊوڙايو يا ماريو پڻ ويندو آھي. ماڻھن جو چوڻ آھي چٻرو بددعا ڏيندو آھي ته خدا ڪري ھي گھر تباھ ٿي ڦٽي وڃي اسان اتي پنھنجا آکيرا ٺاھيون!
 ميھر: هي ھڪ جھنگلي پکي آھي جنھن جي آواز جي خاصيت اھا  آھي آواز ھڪ پاسي ڪندو آھي ٻڌڻ ۾ ٻئي پاسي ايندو آھي، ان لا چوڻي آهي جنھن کي ميھر پکي منھن ۾ پوندو اھو يا بادشاھ ٿيندو يا ولايت ويندو.
 مور: هي ھڪ جھنگلي پکي آھي ھن جي مادي کي ڊيل چوندا آھن. مور کي بھشتي پاڪ پکي سمجھيو ويندو آھي. ماڻھن جو خيال آھي ھي جوڙي بنا جنسي عمل جي بيدا پيدا ڪندي آھي. مور نچندو آهي ان جي اکين مان ڳوڙھا وھندا آھن ڊيل پيئندي آھي پوء بيدا ڏيڻ شروع ڪندي آھي. دراصل ايئن ھرگز ڪونھي. يا وري ڪوئل بابت چوڻي آھي مينھن جي پاڻي تي بيدا ڏيندي آھي.
بگھڙ: هي ھڪ خونخوار جھنگلي جانور آھي. ماڻھن جا رايا آھن ته بگھڙ جن غيبات کي بـ  کائيندو آھي. جن، ڀوت، بگھڙ کان ڊڄندا آھن. بگھڙ ڏند کڙڪائيندو آھي ته جن ڪري پوندو آھي. خاص ڪري جنن جا ٻچا کائيندو آھي، اھڙيون کوڙ لوڪ ڪھاڻيون مشھور پڻ  آھن جڏھن ته جنھن ٻار يا توڙي وڏي ماڻھو کي خوف ڊڄ جي بيماري ٿيندي ان کي بگھڙ جي کل پارائيندا آھن. اڄ به جوڳي سنياسي بگھڙ جي کل کپائڻ خاطر کنيو وتندا آھن.  سيڙھ: ھڪ جنھنگلي جانور آھي اڪثر قبرستان ۾ رھندو آھي. ھن جي جسم تي تيز ڌار ڪنڊا ھوندا آھن جيڪي دشمن کان بچاءُ جو ڪم ڏيندا آھن. جنھن گھر ۾ اڪثر جهڳڙا ٿيندا آھن ماڻهو پنھنجون نااھليون لڪائڻ لا مخالف تي الزام ھڻندا آھن ته گھر ۾ ڪنھن سيڙھ جو ڪنڊو اڇلايو آھي تڏھن روز جھيڙو آھي. هڪٻئي جا مخالف ھڪ ٻئي جي گھر ۾ سيڙھ جا ڪنڊا پوري ڇڏيندا آھن سندن يقين آهي ته سيڙھ جو ڪنڊو پورڻ سان مخالف جي  گھر ۾ جھيڙو ٿيندو.
 سوئر: ھڪ جھنگلي جانور آھي مسلمان مذھبي طور ھن حرام جانور کان سخت نفرت ڪندا آھن ايتري قدر چوڻي آهي ته جيڪو سوئر جو نالو وٺندو ان جي وات ۾ چاليھ ڏينھن بدبوء ٿيندي.
ڄاھو: ھڪ ننڍو انسان دوست جھنگلي جانور آھي، سندس جسم تي ڪنڊا ٿيندا آھن، اڪثر گھرن ۾ پڻ شڪار لاءِ ايندو آھي. نانگ بلا وڇون کائيندو آھي. ڄاھي جي گھر ۾ اچڻ کي برڪت جي علامت سمجھيو ويندو آھي. ڳوٺاڻا کير ۽ چانورن جو ڀت پڻ  کارائيندا آھن.
 سانڊو: ھڪ جھنگلي جانور آھي. عام عقيدي موجب چيو ويندو آهي ته حضرت ابراھيم کي جڏھن باھ ۾ ساڙيو ويو تـ سانڊي باھ مچائڻ لا ڦوڪون پئي ڏنيون، ان ڪري سانڊو مارڻ ثواب جو ڪم آھي.
تتر: ھڪ جھنگي پکي آھي جيڪو لڳاتار تمام گھٽ اڏامي سگھندو آھي. آڳاٽي زماني اگر تتر کاٻي پاسي کان گذري وڃي تـ سمجھندا ڪم نـ ٿيندو ۽ تڪليف ٿيندي.
ڍڳو: ھڪ گھريلو جانور آھي زمين جي زرخيري توڙي سواري لاءِ استعمال ٿيندو آھي. ڌرتي بابت ماڻھڻ جو ھڪ قديمي خيال آھي تـ زمين جي ھيٺان ھڪ ڍڳو سڄي ڌرتي کي کنيو بيٺو آھي جڏھن ٿڪجي پوندو آ ساھ کڻڻ لا سڱ مٽائيندو آھي تڏھن زمين تي زلرلو ايندو آھي. ڪڏھن ڪڏھن ننڊ جو جھوٽو ايندو اٿس پوءِ زمين لڏي ويندي آھي. ان جي آڏو ھڪ مڇر بـ ڦرندو آھي جيڪو ڍڳي کي غفلت سبب نڪ ۾ آواز يا چڪ ھڻي ھوشيار ڪندو آھي .
گدڙ سِنگھي: ھڪ ٻوٽي آ جيڪا ڦاڙھي جي سڱ مان ڪڍي ويندي آھي. ٻير جي کوکڙي کان وٺي مختلف سائيز جيتري ٿيندي آھي مٿان بج چڙھيل ھوندا اٿس، اڪثر  ماڻھڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ سنياسي حڪيم  اڍائي يا سوا انگ ۾ وڪرو ڪندا آھن مثال اڍائي سئو يا اڍائي ھزار يا اڍائي لک ماڻھو جي معاشي حالت ڏسي پوءِ قيمت ٻڌائيندا آھن. اڳ ۾ ڪاٺ ھاڻي پلاسٽڪ يا ٽن جي دٻلي ۾ بند ھوندي آھي ان ۾ سندور وجھندا آھن. سنياسين جو چوڻ آهي ته سندور کائيندي آھي جيڪو ھن کي ڏسي پوء ڪنھن ڪم سان ويندو اھو ڪم ٿي ويندس.
کپر: ننڍي بلا جو قسم آھي اڪثر ننڍا ٽپ پڻ ڏيندو آھي جوڳين جي جوڻ مطابق ھي بي مرشد بي پير بلا آھي سندن خيال آھي تـ نانگن کي به مرشد ٿيندا آھن !!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *