انسانن خلاف بغاوت نه ڪنداسين: روبوٽس جي پهرين پريس ڪانفرنس

جُولاءِ 8, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) جنيوا ۾ انسانن جهڙن روبوٽس جي پهرين پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو

روبوٽس نه صرف بهترين رهنما جي دعويٰ ڪئي پر اهو به چيو ته انسانن خلاف بغاوت نه ڪنداسين، پريس ڪانفرنس دوران روبوٽس چيو ته اسان بهتر رهنما ٿي سگهون ٿا

روبوٽس چيو ته اسان روبوٽس انسانن خلاف بغاوت نه ڪنداسين ۽ انسانن جون نوڪريون ختم ڪنداسين، دنيا جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين

ان موقعي تي روبوٽس کان سخت قانونن جي پابندي جا سوال به ڪيا ويا جنهن تي روبوٽس جواب ڏنا، ڪيترن ئي شعبن ۾ هن وقت روبوٽس ڪم ڪري رهيا آهن

انگلينڊ ۾ ٻنين مان جهنگلي جڙي ٻوٽيون ڪڍڻ جو ڪم انسان نه پر روبوٽ کي ڏنو ويو آهي، سي اين اين جي هڪ رپورٽ موجب ٻنين ۾ 3 اهڙا روبوٽ ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي ٻنين ۾ نئون ٻج پوکڻ کان اڳ جهنگلي جڙي ٻوٽين کي بجلي جي مدد سان ختم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا

روبوٽس ڪم ڪيئن ڪندا ؟

روبوٽ ٺاهيندڙ ڪمپني موجب روبوٽ (ٽام) هڪ ڏينهن ۾ 49 ايڪڙ زمين کي اسڪين ڪري سگهي ٿو، ان ڊيٽا کي روبوٽ (ڊڪ) استعمال ڪري جهنگلي جڙي ٻوٽين جي ڳولا ڪري ٿو ۽ آخر ۾ روبوٽ (هيري) زمين مان غير ضروري جڙي ٻوٽين کي ختم ڪري ٿو

Leave A Comment