انسانن واري علاج سان بلا جو ڪينسر مڪمل طور ختم

انسانن واري علاج سان بلا جو ڪينسر مڪمل طور ختم

لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) 15 فوٽ ڊگهي بلا کي ڪينسر جي مرض کان نجات ڏيارڻ لاءِ اهو علاج ڪيو ويو جيڪو انسانن جو ڪيو يوندو آهي. ان کي دنيا ۾ پنهنجي قسم جو پهريون ڪيس سڏيو پيو وڃي. چيسٽر زو ۾ 23 سالن جي مادي بلا نالو دلچسپ طور تي هالي ووڊ اداڪارا جوڊي فوسٽر جي نالي تي رکيو ويو آهي. ان جو وزن لڳ ڀڳ 50 ڪلوگرام آهي. چڙيا گھر جو عملو هن جي صحت بابت پريشان ٿي ويو جڏهن هن کاڌو کائڻ بند ڪيو ۽ بيهوش ٿي وئي. طبي معائني کان پوءِ، اهو معلوم ٿيو ته هن جي ڄاڙي ۾ فائبروسارڪوما نالي خطرناڪ ڪينسر آهي. شروعات ۾، سرجري ذريعي ٽيومر ڪڍيو ويو پر ڪجهه وقت کان پوءِ ڪينسر جي بيماري اٿلي پئي ۽ ڄاڙي جي هڏي متاثر ٿي. نانگ جي جان بچائڻ لاءِ ماهرن اليڪٽرو ڪيموٿراپي جو سهارو ورتو، جنهن ۾ ڪينسر جي دوائن سان گڏ مخصوص بجلي جي لهرن سان ڪينسر جي سيلز کي نشانو بڻايو ويندو آهي. نانگ ايترو وڏو هو جو آپريشن لاءِ ٻن آپريٽنگ ٽيبلن کي ڳنڍڻو پيو، جڏهن ته سڄو طبي عمل تقريبن 90 منٽن تائين هليو. ڪيترن ئي مهينن جي علاج کان پوءِ، جوڊي فوسٽر ٻيهر معمول مطابق کائي رهي آهي ۽ چڙيا گھر جي عملي مطابق هوءَ پنهنجي اڳوڻي چست ۽ جارحاڻي طبيعت ڏانهن موٽي آئي آهي. تازي طبي معائني ۾ پڻ ڪينسر جي واپسي جا ڪي به نشان نه ڏيکاريا ويا آهن.