انسانن وٽ رڳو 3 سال پوءِ مصنوعي ذهانت ماڻهن کان اڳتي

انسانن وٽ رڳو 3 سال پوءِ مصنوعي ذهانت ماڻهن کان اڳتي

واشنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز) ٽيسلا، اسپيس ايڪس ۽ ايڪس (ٽوئيٽر) جهڙين ڪمپنين جي مالڪ ايلون مسڪ اڳڪٿي ڪئي آهي ته مصنوعي ذهانت ٽيڪنالاجي جلد ئي زمين تي ڪنهن به شخص کان وڌيڪ ذهين ٿي ويندي. هڪ انٽرويو دوران ايلون مسڪ اڳڪٿي ڪئي ته ڪيتري وقت تائين اي آءِ ٽيڪنالاجي انسانن کي ذهانت ۾ پوئتي ڇڏي ويندي. انٽرويو دوران هن کي هڪ وڊيو ڏيکاري وئي جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته اي آءِ ٽيڪنالاجي 3 سالن ۾ ذهانت ۾ انسانن کان اڳتي وڌائيندي. ايلون مسڪ جواب ڏنو ته هو سوچي ٿو ته اهو واقعي 3 سالن ۾ ممڪن ٿي ويندو. 2029 کان 2030 تائين اي آءِ ٽيڪنالاجي سڀني انسانن جي گڏيل ذهانت کان وڌيڪ هوندي. اسان کي ٽيڪنالاجي جي منفي اثرن بابت وڌيڪ محتاط رهڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهو ضروري آهي ته اسان هميشه اي آءِ کي سچ ٻڌائڻ ۽ تجسس رکڻ جي تربيت ڏيون.