انسانيت موڪلائي وئي، بدين ويجهو بااثرن ڪولهي عورت جو لاش دفنائڻ نه ڏنو

جُولاءِ 21, 2023

بدين (رپورٽر) انسانيت جي توهين، بدين ويجهو ڪولهي برادري جي فوت ٿيل عورت جو لاش با اثر دفنائڻ نه ڏنو، وارثن لاش کڻي احتجاج ڪيو

بدين ويجھو ڳوٺ عبدالرحمان  پٺاڻ جي رھواسي ڪولھي برادري جي عورت فوت ٿي وئي، بااثر زميندارن لاش دفن ڪرڻ نه ڏنو

وارثن ايوان صحافت بدين آڏو لاش رکي ڌرڻو ھنيو آھي، فوتي جي وارثن چيو ته عورت جو لاش دفن ڪرڻ لاءِ پيرولاشاري لڳ ڳوٺ عبدالرحمان پٺاڻ کڻائي وياسين جتي بااثرن لاش دفن ڪرڻ نه ڏنو

هنن چيو ته ڦلي قبرستان ھڪ سئو سال کان ڪولهي برادري جو آهي ۽ اسان پنھجن فوت ٿي ويلن کي سالن کان اتي دفن ڪندا آهيون

فوتي عورت جي وارثن چيو ته بااثرن پاران اسان کي پنهنجي فوت ٿيل عورت جو لاش دفن ڪرڻ نه ڏنو آهي جيڪا اسان سان ناانصافي آھي

وارثن ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ ڊي ايچ ڪيو اسپتال بدين ۾ داخل ڪرايل عورت مسمات شانتي ڪولهي زال اشوڪ ڪولهي جو مبينا غلط آپريشن ڪيو ويو جنهن ڪري سندس حالت خراب ٿي وئي هئي

عورت کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال انتظاميا پاران  حيدرآباد ريفر ڪيو ويو ھو عورت لال بتي حيدرآباد ۾ فوت ٿي وئي ھئي

احتجاج ڪندي ڀڳچي ڪولھي، ڪيول ڪولھي، چنو ڪولھي ۽ ٻين چيو ته بااثر زميندارن نديم پٺاڻ، آچار پٺاڻ ۽ ٻيا ڦلي قبرستان جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، قبرستان تان بااثرن جو قبضو ختم ڪرائي اسان کي فوتي عورت جو لاش دفن ڪرڻ ڏنو وڃي

Leave A Comment