انساني اسمگلرز دنيا ۾ پاڪستان جي بدنامي جو سبب بڻيا: ڪارو ڌنڌو ختم ڪرائنينداسين: وزيراعظم

مارچ 17, 2025

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر انساني اسمگلنگ واري ڪاري ڌنڌي کي مڪمل ختم ڪرڻ جو عزم ورجايو، وزيراعظم سان ايف آءِ اي ۽ انٽيليجنس بيورو جي آفيسرن ۽ اهلڪارن ملاقات ڪئي، وزيراعظ، انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ججا گروهه جي سربراهه عثمان جوڻيجو جي گرفتاري تي ساراهه ڪئي. وزيراعظم چيو ته ججا گينگ کي گرفتار ڪرڻ سٺو عمل آهي، انساني اسمگلنگ جي ڪڌي ڏوهه ۾ ملوث ماڻهن جو خاتمو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ملوث ماڻهن پاڪستان جي تشخص کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، انساني اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن جي ڪري پاڪستان جي دنيا ۾ بدنامي ٿي،وزيراعظم چيو ته انساني اسمگلنگ جو ڪارو ڌنڌو مڪمل طور بند ڪرائڻ جو پختو ارادو ڪيو آهي. وزيراعظم  سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ آفيسرن کي 10-10 لک رپيا انعام ۽ شيلڊز به ڏنيون.

 

Leave A Comment