انساني زندگي جا ڪجھ اھڙا پاسا جن جو گھڻو تڻو تعلق درسگاهي تعليم، گھرو ۽ سماجي تربيت ۽ علمي تحقيقن سان آھي ان جي سماجي مان ۽ مرتبي ۾ اضافي جو سبب ضرور بڻجن ٿا. اسان سڀ ھن ڳالھ کي ڀلي ڀت ڄاڻو ٿا تہ: انساني زندگي مسلسل واڌ ويجھ ۽ سکيا جي عمل جو نالو آهي. يعني زندگي پنھنجي رفتار سان ھلندي، مختلف دورن ۾، مختلف ذھني خلفشارن، سماجي سطحن ۽ شعوري مرحلن مان گذرندي رھي ٿي. ھي عمل سڄي ڄمار جاري رھو ٿو. هر انسان پنهنجي زندگي جي مختلف مرحلن مان جڏھن، گذري ٿو تہ ھن جي جسماني، ذهني ۽ سماجي ترقي ٿيندي رهي ٿي چاھي پوءِ ھاڪاري پاسي يا ناڪاري پاسي پر، ھي عمل وقت وانگيان ڪٿي بہ رڪجي نٿو. تعليمي ۽ سماجي ماهرن جي مطابق انساني ترقي جا خاص طور تي ٽي اهم ٿنڀ آهن: پھريون جسماني ترقي، ٻيون ذهني يا ادراڪي ترقي ۽ ٽيون سماجي ترقي. توڻي جو اهي ٽيئي ٿنڀ اسان کي الڳ الڳ نظر اچن ٿا پر، حقيقت ۾، اھي هڪٻئي سان گهڻو ڳنڍيل هوندا آهن يا ائين کڻي چئجي تہ ھڪٻئي تي دارومدار رکندڙ ھوندا آھن. ٽئي گڏجي انساني شخصيت کي ٺاهي، سنواري ۽ نکاري ڇڏيندا آهن تہ جيئن ھو ھڪ معاشري جو رڪن ھوندي ان جي چڱ ڀلائي ۽ بھتري ۾ پنھنجي موجودہ سماجي حيثيت، اداراجاتي مرتبي ۽ علم، عقل ۽ تجربي جي بنياد تي پنھنجو موثر ڪردار نڀائيندو رھي. اچو تہ ھاڻي ھنن کي الڳ الڳ بنياد تي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون.
جسماني ترقي:
عنوان مان ئي پرک پوي ٿي تہ، جسماني ترقي انسان جي جسم سان لاڳاپيل سڀني تبديلين جو نالو آھي ۽ عمر ۽ شعور جي حساب سان انسان جي جسم ۾ جنھن بہ قسم جي ترقي يعني تبديلي نظر اچي انھن کي ظاهر ڪندي رھي ٿي. جسماني ترقي (تبديلي) ۾ شامل آھن: قد جو گھٽ وڌ ٿيڻ، وزن ۾ ڪمي ڪوتاھي، عضون جي ڪمزوري ۽ مضبوطي ۽ جسماني حرڪتن جي صلاحيت يا کوٺ. ٻار جي ابتدائي عمر واري عرصي ۾ جسماني ترقي تمام تيزي سان ٿيندي آهي. مثال طور ٻار پهرين ويهڻ سکندو آهي، پوءِ بيهڻ ۽ آخرڪار هلڻ شروع ڪندو آهي. انهن مرحلن کي ھڪ انسان جو ترقياتي سنگ ميل چيو ويندو آهي. وقت گذرڻ سان گڏ ٻار جا عضوا ۽ اعصابي نظام مضبوط ٿيندا وڃن ٿا جنهن سان ھن جون جسماني حرڪتون وڌيڪ منظم ۽ موثر ٿينديون آھن. جيڪڏھن ٻار جي جسم ۾ ڪا نمايان تبديلي يعني عمر آڌاري ترقي ٿيندي نظر نہ اچي تہ ھي وڏي پريشاني جي ڳالھ ھجڻ گھرجي ۽ ڪنھن ڄاڻو طبي ماھر سان فوري طور تي رابطي ۾ اچڻ گھرجي ڇاڪاڻ جو جسماني ترقي رڪجي يا رھجي وئي تہ ٻار جي شخصييت مجروح ٿيندي رھندي. جسماني ترقي جو هڪ اهم مرحلو بلوغت بہ آهي جنهن دوران نوجوانن جي جسم ۾ ڪيترين ئي تبديلين جو آغاز ٿيندو آهي. قد وڌڻ، جسماني طاقت ۾ اضافو ۽ جنسي بلوغت جهڙيون تبديليون هن مرحلي جون نمايان خاصيتون آهن. مناسب خوراڪ، صحتمند ماحول ۽ جسماني سرگرميون جسماني ترقي لاءِ تمام گھڻو ضروري هونديون آهن.
ذهني يا ادراڪي ترقي:
ڪڏھن ڪڏھن اسان کي ھي ٻڌڻو پوندو آھي تہ فلاڻو ٻار يا فلاڻي ننڍڙي يا فلاڻو ماڻھو ذھني طور تي ڪمزور آھن. ھن ڳالھ جو سئو سيڪڙو مطلب ھي ھوندو آھي تہ: ذڪر ھيٺ فرد يا ننڍڙي کي شين کي پرکڻ جو ادراڪ (شين ۽ لقائن کي حواسن سان پروڙڻ جي قوت يا صلاحيت) ئي ناھي. ياد رکڻ گھرجي تہ ذهني يا ادراڪي ترقي ھڪ انسان جي ذهن سان لاڳاپيل صلاحيتن کي ئي ظاهر ڪري ٿي. ذھني صلاحيتن ۾ شامل آھي: سوچڻ، سمجهڻ، ياد ڪرڻ ۽ ياد رکڻ، مسئلا حل ڪرڻ ۽ منطقي دليل ڏيڻ. ٻار جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويندو آهي تيئن تيئن ھن جي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت بہ وڌندي ويندي آهي. شروعاتي عمر وارن سالن ۾ ٻار گهڻو ڪري ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت جي ذريعي پھريان شين کي پرکيندو بعد ۾ سکڻ جي قابل بڻبو آهي. اھڙي طرح سان جيئن جيئن ھو وڏو ٿيڻ لڳندو آھي تہ وڏي ٿيڻ واري مختلف مرحلن (عمرين) سان گڏ ساڳيو ٻار شين جي باري ۾ تجزيا ڪرڻ ۽ نتيجا ڪڍڻ جي قابل بہ بڻجي پوندو آهي. توھان اڪثر ڏٺو ھوندو تہ ٻن ٽن سالن جي عمر تائين ٻار ھر ڳالھ ضد ڪري مڃرائيندو آھي پر، چئن کان ڇھن سالن جي عمر تائين پھچڻ جي سبب ھن ۾ سنجيندگي اچي ويندي آھي ۽ ھو اڳ وانگي ضد ناھي ڪندو پر ٿورو سمجائڻ سان يا مشاورت ڪرڻ سان مڙي ويندو آھي. سڀ ڄاڻون ٿا تہ: ٻار جي ذهني ترقي ۾، ٻولي سکڻ بہ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ٻار جڏهن ٻُڌل لفظن کي سمجهڻ ۽ ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو تہ ھن جي ذهني دنيا وڌيڪ وسيع ۽ پختي ٿي وڃي ٿي. تعليم، مطالعو ۽ تجربي ذريعي انسان جي ذهني صلاحيتن ۾ واڌارو ايندو آهي. نفسياتي ماھرن جي موجب انسان جي ذهني ترقي مختلف مرحلن ۾ ٿيندي آهي جن مان هر مرحلو سمجھڻ، پرکڻ، سکڻ ۽ سوچڻ جي نئين انداز کي ظاهر ڪندو رھي ٿو.
سماجي ترقي:
سماج جنھن جا اسين فرد آھيون يا ائين کڻي چئون تہ اسان سان ئي سماج آھي سماج مان اسان ناھيون. مطلب ھي آھي تہ اسان سڌريل ھونداسين تہ اسان جو سماج بہ سڌريل نظر ايندو پر اسان ڀڏا ڪم ڪندا رھنداسين تہ سماج جي شڪل ڪھڙي بيھندي ان تي لکڻ جي ضرورت ناھي. علمي حوالي سان جڏھن اسان ھڪ انسان جي سماجي ترقي جي ڳالھ ڪيون ٿا تہ ان جو مول ۽ متو ھي آھي: سماجي ترقي ھڪ نسان جو ٻين ماڻهن سان لاڳاپن، احساسن ۽ سماجي روين کي ظاھر ڪري ٿي. انسان سماجي جانور آهي تنهنڪري، هو سماج سان لاڳاپو قائم ڪري ئي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهيندو آهي ۽ برقرار رکندو آھي. ڇا ھي عالمي سچائي نہ آھي تہ ھڪ ٻار جي سماجي ترقي ھن جي گهر کان ئي شروع ٿيندي آهي. هو والدين ۽ ڀائر ڀينرن سان لاڳاپا قائم ڪندو آهي. پوءِ آهستي آهستي گھر کان ٻاھر پاڙي اوڙي، درسگاھ ۽ بعد ۾ سماج سان اٿ ويھ جي ڪري ھن ۾ اعتماد ايندو آھي ۽ پنھنجين ذاتي، خانداني ۽ سماجي ذميوارين کي بھتر نموني سان سمجھڻ ۽ نڀائڻ شروع ڪندو آھي جنھن سان وري ھن جي شخصيت جو موثر يا غير موثر ھجڻ جو تاثر ٺھڻ لڳندو آھي. سماجي ترقي دوران انسان همدردي، احترام ۽ گڏيل زندگي گذارڻ جي اصولن کي سکندو رھندو آهي. دوستي قائم ڪرڻ، ٻين جي احساسن کي سمجهڻ، ۽ سماجي قاعدن ۽ ضابطن جي پابندي ڪرڻ بہ سماجي ترقي جا اهم حصا تصور ڪيا ويا آهن. هن مرحلي ۾، انسان پنهنجي ذاتي سڃاڻپ بہ ٺاهڻ شروع ڪندو آهي تہ وري صفاتي ڪردار سازي واري مرحلن مان بہ گذرندو رھندو آھي. اھڙي طرح سان ھن جي اظھار، اقرار، اعتماد ۽ شخصيت ۾ پختگي ايندي ويندي آهي جنھن جي بنياد تي ھو سماج ۾ پنھنجو ھڪ الڳ مقام ٺاھڻ جي حالت ۾ اچي ويندو آھي.
جسماني، ذهني ۽ سماجي ترقي / اوسر / تبديلي ھڪ انسان جي مجموعي واڌ ويجھ جا بنيادي ٿنڀ آهن. ٽيئي ٿنڀ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. پھرين ۾ ٿيندڙ تبديلي اڳيئن تي اثرانداز ٿيندي آهي. انسان کي جيڪڏھن مناسب تعليم، صحتمند ماحول، سھڪاري خاندان ۽ ھاڪاري سماجي رشتا ملي وڃن تہ هو متوازن ۽ ڪامياب شخصيت بڻجي سگهي ٿو. تنهنڪري، والدين، استادن ۽ سماج جي ھي وڏي ذميواري ھجڻ گھرجي تہ اھي ٻارن جي ھنن ٽنهي ٿنڀن کي نظر ۾ رکندي انهن جي صحيح تربيت ڪن، تعليم ڏيارن ۽ روزگار کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ رهنمائي پڻ ڪن تہ جيئن هو هڪ ڪامياب، ذميوار ۽ ڪارآمد شهري بڻجي سگهن.