انساني حقن واري ڪميشن جي چيئرمين اقبال ڏيٿو کي ھٽائڻ جو فيصلو

جُولاءِ 3, 2025

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ جي انساني حقن واري ڪميشن جي چيئرمين کي ھٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪابينا مان منظوري ورتي ويندي، انساني حقن واري ڪميشن جي چيئرمين اقبال ڏيٿو خلاف عورت سماجي اڳواڻن پاران حراسان ڪرڻ جون درخواستون ڪيون ويون ھيون .

اقبال ڏيٿو خلاف نومبر 2024ع ۾سھائي سٿ جي سربراھ ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو ۽ نيشننل ڪميشن فار ھيومن رائيٽس جي اڳواڻ انيس ھارون پاران الڳ الڳ درخواستون ڏنيون ويون ھيون.

ذريعن موجب مختلف درخواستن تي چيف منسٽر انسپيڪشن ٽيم جي سربراھ ڊاڪٽر شيرين ناريجو جي ڪيل انڪوائري ۾ به اقبال ڏيٿو کي ڏوھي قرار ڏنو ويو ھو

اقبال ڏيٿو خلاف پ پ قيادت پاران صوبائي وزير ضياءَ لنجار، ايم پي اي ندا کھڙو ۽ ٻين کان ڪرايل جاچ ۾ به اقبال ڏيٿو الزامن مان آجو ناهي ٿي سگھيو

ذريعن جو چوڻ آهي ته اقبال ڏيٿو کان سنڌ حڪومت پاران استعيفي طلب ڪئي وئي ھئي پر ھن،  استيعفي نه ڏني جنهن بعد سندس معاملو ھڪ ڀيرو ٻيهر ڪابينا ۾آندو ويو آهي، سنڌ ڪابينا پاران انساني حقن واري ڪميشن جي چيئرمين کي ھٽائڻ جي منظوري ڏني ويندي.

اقبال ڏيٿو کي مارچ 2023ع ۾ چئن سالن لاءِ ڪميشن جو سربراھ مقرر ڪيو ويو ھو سندس مدو مارچ 2027ع تائين ھو .

لاڳاپيل پوسٽون

  • رستم واسي نوجوان جو ڪراچي جي ايڌي سينٽر مان لاش هٿ

  • اداڪارا حميرا اصغر جو پوسٽ مارٽم، فليٽ جي به مسواڙ نه ڏنل هئي

  • لاڙڪاڻي جي ايڌي پينگهي ۾ حوا جي ڌيءَ جي آمد

  • اڇڙي ٿر واسي اغوا، زنجيرن ۾ قيد واري وڊيو وائرل، هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب