انساني حق کاتي جي ملازمه جو ايس او تي هراساني الزام 

انساني حق کاتي جي ملازمه جو ايس او تي هراساني الزام 

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي انساني حقن واري کاتي جي ملازمه  سيڪشن آفيسر تي هراسان ڪرڻ جو الزام  ھڻندي  انصاف جي اپيل ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ انساني حقن واري کاتي ۾ اسسٽنٽ طور ڪم ڪندڙ رابعه شاھ سيڪشن آفيسر سعيد سومرو خلاف هراسان ڪرڻ جي شڪايت ڪئي آهي، متاثر ملازمه  پاران خاص معاون، کاتي جي سيڪريٽري کي دانهڻ بعد وزيراعليٰ کي به خط لکي ڇڏيو، هوڏانهن  انساني حقن واري کاتي بابت خاص معاون راجوير سنگهه  چيو ته شڪايت ڪندڙ رابعه  شاھ ۽ سعيد سومرو واري معاملي جي خبر آھي جلدي ڪو حل ڪڍنداسين،متاثر ملازمه  جي شڪايت تي کاتو ڪارروائي  ڪري پيو