ڪيمبرج يونيورسٽي جي تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته انساني دماغ سڄي زندگي هڪجهڙي رفتار سان نه پر پنجن اهم مرحلن مان گذري ٿو. ماهرن موجب، دماغي بيمارين جي روڪٿام ۽ ذهني صلاحيتن کي سمجهڻ لاءِ اھا تحقيق هڪ نئون باب کوليندي، جنهن سان انساني دماغ جي ڪيترين ئي بيمارين جو علاج به ممڪن ٿي سگهندو. جڏهن ته انساني ذهني نشونما جي حوالي سان ڪيترن سوالن جا جواب به ملي ويندا.
انساني دماغ فطرت جو سڀ کان پيچيده حصو سمجهيو وڃي ٿو، پر هاڻي سائنسدانن ان بابت هڪ اهڙو انڪشاف ڪيو آهي، جيڪو روايتي سوچ کي چئلينج ڪري ٿو. نئين تحقيق موجب، انسان جو دماغ 18 يا 20 سالن ۾ مڪمل بالغ نٿو ٿئي، پر “ٻاروتڻ” جو مرحلو لڳ ڀڳ 32 سالن جي عمر تائين جاري رهي ٿو. تحقيق مان اهو پڻ ظاهر ٿيو آهي ته دماغ سڄي زندگي هڪجهڙي نموني ترقي نٿو ڪري، پر پنجن وڏن مرحلن مان گذري ٿو، جن مان هر مرحلو انسان جي سکڻ، فيصلا ڪرڻ، يادداشت، ذهني صحت ۽ پوڙهائپ تي گهرو اثر ڇڏي ٿو.
32 سالن تائين جاري رهندڙ ٻالڪپڻ:
برطانيا جي ڪيمبرج يونيورسٽي جي نيورو سائنسدانن جنم کان وٺي 90 سالن تائين جي لڳ ڀڳ چار هزار ماڻهن جي دماغن جا ايم آر آءِ اسڪين ڪيا. تحقيق دوران دماغ جي عصبي رابطن (Neural Connections) جو جائزو وٺي معلوم ڪيو ويو ته دماغي ترقي سڌي ليڪ وانگر نه پر پنج واضح مرحلن ۾ ٿيندي آهي. تحقيق، جيڪا عالمي سائنسي جرنل نيچر ڪميونيڪيشنز (Nature Communications) ۾ شايع ٿي آهي، ٻڌائي ٿي ته دماغ مسلسل نيون شيون سکندو رهي ٿو ۽ نئين معلومات سان پاڻ کي هم آهنگ ڪندو رهي ٿو، پر اها ترقي هر وقت هڪجهڙي رفتار سان نٿي هلي، پر مختلف عمرن ۾ تيز تبديليون ۽ اهم موڙ ايندا آهن. تحقيق جو سڀ کان حيرت انگيز نتيجو اهو آهي ته سائنسدانن جي نظر ۾ “ٻالڪپڻ” لڳ ڀڳ 9 سالن جي عمر کان شروع ٿي 32 سالن تائين جاري رهي ٿو. ان عرصي دوران دماغ جا رابطي وارا نيٽ ورڪ تيزي سان مضبوط ٿين ٿا ۽ ذهني صلاحيتون پنهنجي بلند ترين ترقي ڏانهن وڌن ٿيون.
دماغ جا پنج اهم مرحلا:
پيدائش کان 9 سالن تائين دماغ اندر اربين نون عصبي رابطن جي تشڪيل ٿئي ٿي. وقت سان گڏ غير ضروري رابطا ختم ٿين ٿا، جڏهن ته وڌيڪ فعال ۽ مضبوط رابطا باقي رهن ٿا. ماهرن موجب، هي مرحلو سکڻ ۽ ذهني بنيادن جي تعمير لاءِ سڀ کان اهم هوندو آهي 9 کان 32 سالن تائين جي تحقيق ۾ اهو نتيجو نڪتو آهي ته هن عرصي دوران دماغ جا رابطي وارا نظام تيزيءَ سان بهتر ٿين ٿا، مختلف حصن وچ ۾ معلومات جي منتقلي وڌيڪ تيز ۽ هموار ٿي وڃي ٿي، جنهن سان يادداشت، سکڻ، تجزياتي صلاحيت ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي قوت وڌي ٿي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته دماغ جي اها پختگي عام طور تي 30 سالن جي شروعاتي ڏهاڪي تائين مڪمل نٿي ٿئي.
32 سالن کان پوءِ دماغ نسبتاً مستحڪم مرحلي ۾ داخل ٿئي ٿو. تحقيق موجب، ايندڙ ٽن ڏهاڪن ۾ دماغ ۾ وڏيون تبديليون گهٽ ٿين ٿيون. هي دؤر ذهانت، شخصيت ۽ ذهني استحڪام جي حوالي سان سڀ کان متوازن سمجهيو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ دماغ جا ڪجهه حصا آهستي آهستي هڪ ٻئي کان الڳ ٿيڻ شروع ڪن ٿا.
ڊاڪٽر الڪسا موسلي موجب، 60 سالن جي وچ ڌاري دماغ جي نيٽ ورڪن جي نئين ترتيب پنهنجي عروج تي پهچي ٿي. هن مرحلي دوران دماغ جي “وائيٽ ميٽر” ۾ آهستي آهستي گهٽتائي اچڻ سبب مختلف حصن جي وچ ۾ رابطا ڪمزور ٿيڻ لڳن ٿا. ساڳئي وقت هاءِ بلڊ پريشر، فالج، وسارڻ جي بيماري (ڊيمنشيا) ۽ ٻين دماغي مسئلن جا خطرا پڻ وڌڻ شروع ٿين ٿا. 83 سالن کان پوءِ دماغ وڌيڪ مخصوص عصبي رستن تي ڀاڙڻ لڳي ٿو. تحقيق موجب، دماغ جي مختلف حصن وچ ۾ رابطا وڌيڪ محدود ٿي وڃن ٿا، جنهن سبب انسان اڳي جي ڀيٽ ۾ مخصوص يادگيرين ۽ سکيل طريقن تي وڌيڪ انحصار ڪرڻ لڳي ٿو.
تحقيق ڪيئن ڪئي وئي؟
ماهرن ايم آر آءِ جي جديد Diffusion Scan ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي، جيڪا دماغ جي ٽشوز اندر پاڻي جي ماليڪيولن جي حرڪت کي ماپي عصبي رابطن جو تفصيلي نقشو تيار ڪري ٿي. هن ٽيڪنالاجي ذريعي سائنسدانن کي معلوم ٿيو ته دماغ جي “وائرنگ” زندگي جي هر مرحلي ۾ مختلف انداز سان تبديل ٿيندي رهي ٿي. تحقيق جي سربراهه ڊاڪٽر الڪسا موسلي جو چوڻ آهي. “اسان کي خبر هئي ته دماغ جي وائرنگ انساني ترقي لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿي، پر هاڻي پهريون ڀيرو واضح تصوير سامهون آئي آهي ته اها سڄي زندگي ڪيئن تبديل ٿيندي رهي ٿي.” سندس چوڻ موجب، هي مرحلا سمجهڻ سان سائنسدانن کي اهو معلوم ڪرڻ ۾ مدد ملندي ته زندگي جي ڪهڙي عمر ۾ دماغ سڀ کان وڌيڪ مضبوط يا سڀ کان وڌيڪ ڪمزور هوندو آهي، جنهن سان سکيا جي مشڪلاتن، ذهني بيمارين ۽ ڊيمنشيا جهڙين بيمارين جي سڃاڻپ ۽ علاج ۾ آساني ٿيندي.
ٻئي طرف ڪيمبرج يونيورسٽي جي نيورو انفارميٽڪس جي پروفيسر ڊنڪن ايسٽل جو چوڻ آهي ته، ”اسان جي زندگي مختلف مرحلن مان گذري ٿي، ۽ هاڻي سائنس ثابت ڪيو آهي ته دماغ پڻ اهڙن ئي مرحلن مان گذرندو آهي.” هن وڌيڪ چيو ته دماغ جي وائرنگ ۾ فرق ئي انسان جي ڌيان، ٻولي، يادداشت ۽ ڪيترين ئي ذهني صلاحيتن تي اثرانداز ٿيندو آهي، تنهن ڪري هن نئين ڄاڻ سان مستقبل ۾ ڪيترين اعصابي ۽ ذهني بيمارين جي علاج جا نوان رستا کلي سگهن ٿا.
نيورولوجي ۽ نفسيات جي ماهرن موجب، هي تحقيق والدين، استادن ۽ ڊاڪٽرن لاءِ انتهائي اهم آهي، ڇاڪاڻ تہ اها واضح ڪري ٿي ته نوجوانن کان 30 سالن جي شروعات تائين فيصلا ڪرڻ، جذبات تي ضابطو آڻڻ، نيون صلاحيتون سکڻ ۽ شخصيت جي تعمير جو عمل جاري رهندو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ان ڪري هن عمر جي ماڻهن کي مناسب تعليم، صحتمند خوراڪ، جسماني سرگرمي، ذهني مشق، مناسب ننڊ ۽ نفسياتي سهائتا فراهم ڪرڻ دماغ جي بهتر ترقي لاءِ ضروري آهي.
هي تحقيق انساني دماغ بابت ڪيترن ئي پراڻن تصورن کي نئين سر ڏسڻ تي مجبور ڪري ٿي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته دماغ جي ترقي ڪا سڌي يا مسلسل سفر نه آهي، پر اهم موڙن ۽ مرحلن تي ٻڌل هڪ پيچيده عمل آهي. جيڪڏهن انهن مرحلن کي بهتر نموني سمجهي ورتو وڃي ته مستقبل ۾ ذهني صحت، يادداشت، سکيا جي مشڪلاتن ۽ ڊيمنشيا سميت ڪيترين ئي اعصابي بيمارين جي اڳواٽ سڃاڻپ، روڪٿام ۽ وڌيڪ مؤثر علاج جا نوان امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا.