| انساني دماغ کي ڪمپيوٽر بنائڻ جا آسان طريقا ايجاد |
لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) ماهرن انساني دماغ کي ڪمپيوٽر بڻائڻ جا آسان طريقا ايجاد ڪري ورتا آهن. يوناني ماهرن جو چوڻ آهي ته گهمڻ دوران پهريون سڄو پير اڳتي وڌائڻ سان دماغ تيز ٿيندو آهي. ٿوري دير اکيون بند ڪري، ڪتاب پڙهڻ، اکيون بند ڪري وري ڪتاب پڙهڻ سان دماغ تيز ٿيندو آهي. ٽن ماڻهن سان ويهي ڳالهائڻ سان دماغ تيز ٿيندو آهي. اڌ رات جو ننڊ مان اٿي ستارن ڏانهن ڏسڻ سان دماغ تيز ٿيندو آهي. اهي هئا يوناني ماهرن جا چار سولا اصول جن تي عمل ڪجي ته دماغ کي ڪمپيوٽر جيتري طاقت ڏئي سگهجي ٿي، پر انکانسواءِ يوناني ماهرن جون گهريلو زندگي جي لاءِ به ڪجهه ڳالهيون آهن جيڪي اوهان سان ونڊجن ٿيون. يونان جي ماهرن جو چوڻ آهي ته گهر ۾ ڦودنو پوکيل هجي ته گهر ۾ ڪرڙيون ناهن ٿينديون. گهر ۾ ٻُهاري اُڀي ڪري رکجي ته ڪانوَ ناهن ايندا. گهر ۾ وڏڦن جو ٻوٽو هجي ته گهر ۾ نانگ ناهن ايندا. گهر ۾ سيهڙ پالڻ سان جيت جڻيا ناهن ٿيندا. گهر ۾ نوريئڙو هجي ته لال بيگ ناهن هوندا. گهر ۾ توت جو وڻ هجي ته کٽن، درن درين ۽ ٻئي ڪاٺ کي سُرو ناهي لڳندو. گهر ۾ نِم جو وڻ هجي ۽ ان وڻ جي هيٺان ويهجي ته سئو کان مٿي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو. جيڪڏهن گهر ۾ بيد مشق جو وڻ هجي ته پنجاهه سالن تائين ڪنهن کي زڪام نه ٿيندو. جنهن گهر ۾ ڪڪڙ يا ڪڪڙيون هونديون آهن انهن گهر ۾ به سُرو ناهي هوندو. جنهن گهر ۾ بدڪ هوندي آهي ان ۾ زمين تي ريڙهيون پائيندڙ جيت ناهن ٿيندا. جنهن گهر ۾ کجيءَ جو وڻ هوندو آهي ته ان ۾ نور ناهن ايندا. کجين جا ڏوڏا ۽ قتل کائڻ سان صحت جي انيڪ فائدن سميت جنسي ڪمزوريون ناهن ٿينديون. گهر ۾ ڪاري رنگ جا ڪپڙا ٽنگي رکجن ته خطرناڪ پَکي ناهن ايندا. جنهن گهر ۾ روز ڪمند جو جوس پيتو وڃي ان گهر ۾ معدي جا مسئلا ناهن ٿيندا. جنهن جو معدو صحيح هوندو آهي اهي سئو کان مٿي ننڍي وڏي بيمارين کان محفوظ هوندا آهن.