Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_fh343e34hcfmntr3f6m3et1m9c, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
انسان جا بنيادي حق ۽ انهن جي حاصلات لاءِ جاکوڙ ... ڊاڪٽر پيار علي جتوئي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar انسان جا بنيادي حق ۽ انهن جي حاصلات لاءِ جاکوڙ ... ڊاڪٽر پيار علي جتوئي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات ٿڌ ۾ واڌ*
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*

انسان جا بنيادي حق ۽ انهن جي حاصلات لاءِ جاکوڙ … ڊاڪٽر پيار علي جتوئي

مختلف دورن ۾ انسان مختلف سماجن، مختلف نظرين، مختلف تهذيبن مان گذرندا رهيا آهن ۽ مختلف وقتن ۾ انسان جا بنيادي حق مٽبا رهيا آهن. جيئن جيئن انساني ذهني ارتقا جي مرحلي ۾ شامل ٿيندو رهيو آهي تيئن تيئن انسان پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جاکوڙيندو رهيو آهي.آڳاٽي هندو ڌرم ۾ ماڻهو ذات پات جي ڪيترن قسمن جي فرقن ۾ ورهايل هوندا هئا جن ۾ خاص هي ذاتيون هونديون هيون، برهمڻ، ويش، کتري ۽ شودر، انهن ذاتين جي بنياد تي ماڻهن جا ڌنڌا ڌاڙي ورهايل هوندا هئا. شودرن کي هڪ انسان جي روپ ۾ جانور سمجهيو ويندو هو. شوڌرن تي علم توڙي ڄاڻ جا دروازا بند هوندا هئا، ايستائين جو پاڪ ڪتاب جا ڪجهه لفظ غلطي سان به ڪنهن شودر ٻڌي ورتا ته ان جي ڪنن ۾ ٽهڪيل شيهو وڌو ويندو هو، يا انهن جي ويهڻ واري جاءِ تي لوهي سيخ داخل ڪئي ويندي هئي. عورت کي ته مڙس جي خدمت لاءِ پيدا ڪيل سمجهيو ويندو هو، جنهن جو ڪم ئي اهو هوندو هو ته هو مڙس جي سڪون جو سامان مهيا ڪري. گوتم ٻڌ جي زماني ۾ انسانن جي مختلف طبقن ۾ ورهاست ٿيل هوندي هئي، جنهن ۾ ملن مولوين، پنڊتن کي ڀڳوان جي سسي مان پيدا ٿيل سمجهيو ويندو هو، جڏهن ته اڳواڻن حڪمرانن کي ڀڳوان جي چيلهه مان پيدا ٿيل سمجهيو ويندو هو ۽ غريبن هارين نارين کي ڀڳوان جي پيرن مان پيدا ٿيل سمجهيو ويندو هو. حاڪم گهراڻن جي فردن کي قدرت طرفان اهو حق حاصل هو ته اهي غريبن مسڪينن تي حڪمراني ڪن ۽ غريبن تي انهن حاڪمن جي دل سان غلامي ڪرڻ فرض هو. جيڪي غريب حاڪمن جي غلامي ڪرڻ کان انڪاري ٿيندا هئا، انهن کي بغاوت جي ڪيس ۾ ڦاسي تي ٽنگيو ويندو هو. اهڙي طرح سان اوائلي مصري، ميسيپوٽونيا تهذيبن ۾ به ماڻهن جا بنيادي حق غصب ٿيل هوندا هئا. شروع کان وٺي پادرين، ٻاون، پنڊتن ۽ ملن مولوين جي حاڪمن سان ڳنڍ جوڙ هجڻ ڪري ۽ انهن جا مڪروه مفاد هڪ ٻئي سان سلهاڙيل هجڻ ڪري انهن جي پاڻ ۾ پڪي ياري رهندي آئي آهي، جيڪا اڄ تائين پٺتي پيل تهذيبن ۾ اڃا تائين نه رڳوقائم و دائم پر مضبوط رهندي پئي اچي.
نئين جديد حڪومتن جي قائم ٿيڻ سان انساني بنيادي حق به وقت سان گڏ تبديل ٿي چڪا آهن. نه رڳو انساني پر ڌرتي تي رهندڙ هر جيوت جا بنيادي حق جوڙيا ويا آهن ۽ هر رياست تي اهو زور ڀريو وڇي ٿو ته انهن بين الاقوامي قانونن تي حقيقي معنيٰ ۾ عمل پيرا ٿئي. اڳ ۾ جتي اٽي لٽي اجهي کي ئي انسان جا بنيادي حق سمجهندو هو پر هاڻ ڳالهه ان کان ڪافي اڳتي نڪري چڪي آهي. هاڻ هر انسان پنهنجي لاءِ برابري جي بنياد تي پنهنجا پيدائشي حق گهري رهيو آهي، جن کي ٿلهي ليکي هيٺ بيان ڪجي ٿو.
01-انسان جي سڀ کان بنيادي پيدائشي حقن مان آزادي سڀ کان وڌيڪ اهم حق سمجهيو وڃي ٿو. انسان جيئن ته آزاد پيدا ٿئي ٿو، پيدائش وقت اهو ڪنهن به قسم جي غلامي ۾ جڪڙيل ناهي هوندو تنهنڪري اڄوڪي انسان غلامي کي لعنت قرار ڏئي غلامي تي مڪمل پابندي مڙهي ڇڏي آهي. غلامي چاهي ڪهڙي به قسم جي هجي، چاهي ڪهڙي به رنگ روپ جي هجي، چاهي غلامي کي ڪيڏو به سنواري سينگاري پيش ڪيو وڃي پر غلامي هر حال ۾ قبول ناهي، غلامي آزاد قومن لاءِ هڪ گار آهي ۽ جيڪو حاڪم عوام جي آزادي کسي ٿو، اهو ڪنهن به صورت ۾ حڪمران ٿيڻ جي لائق ناهي. تنهنڪري دنيا جي ترقي يافته تهذيبن ۾ غلامي جي هر قسم تي مڪمل پابندي مڙهيل هجي ٿي.
02-انسان جي بنيادي حقن مان خوشي به انتهائي بنيادي حق هجي ٿو. خوش رهڻ، خوش گذارڻ، خوشي ماڻڻ هر انسان جو پيدائشي حق آهي. سڪون سان مزي سان اطمينان سان، بي خوف بي ڊپو ٿي گذارڻ انسان جو جائز حق آهي. جيڪڏهن ڪوئي ڪنهن انسان کي ڊيڄاري ٿو، ڌمڪائي ٿو، هن کي خوف ۾ مبتلا ڪري ٿو، اهو قانون جي ڪٽهڙي ۾ ڏوهي تصور ڪيو وڃي ٿو. سماج ۾ ڪنهن به قسم جي خوف جي لهر پکيڙڻ، انسان کي ٻئي انسان کان ڀئو هجڻ، پنهنجي جان، مال، عزت ۽ آبرو جو ڊپ هجي ته اها رياست ناڪام رياست تصور ڪئي ويندي، تنهنڪري رياست جو اها اهم ذميواري آهي ته اها پنهنجي شهرين جي حفاظت لاءِ جوڳا اپاءُ وٺي، ماڻهن کي خوش رهڻ لاءِ سڀ سهولتون ميسر ڪري، ماڻهن کي خوشي مهيا ڪري.
03-انسانن جي بنيادي حقن مان برابري هڪ تمام وڏو ۽ مکيه حق آهي، جنهن لاءِ انسان زندگي ڀر ڪوشان رهي ٿو. برابري هر انسان ۾ هر طرح سان قائم هجي. علم جي نور کان منور ٿيڻ کان وٺي انسان جون بنيادي گهرجون، جسماني کاڌ خوراڪ توڙي صحت جون سهولتون ميسر هجڻ تائين سڀني انسانن ۾ هڪ جيتري ورهاست ٿيل هجي. رياست جي ڪنهن به فرد، گروهه، قبيلي يا قوم کي ان جي فرقي يا مذهب، نسل، رنگ توڙي علائقي جي متڀيد کان مٿاهون ٿي هڪ جيترا حق حاصل هجن. ڪنهن کي به ڪنهن تي رياست طرفان فوڪيت نه مليل هجي. قانون سڀني لاءِ ساڳيو هجي ۽ قانون امير توڙي غريب، حاڪم توڙي رعيت تي هڪ جهڙو لاڳو هجي. ماڻهن جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جو فرق محسوس نه ڪيو وڃي ته جيئن اتان جي رهاڪن ۾ هڪ قسم جو اطمينان ۽ ڀروسو پيدا ٿي پوي.
04-ڌرتي جي سيني تي رهندڙ سڀني انسانن کي اهو سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته هن گولي تي رهندڙ آفريڪي هجي يا آمريڪي، يورپ جو گورو هجي يا هندستان جو سانورو، هن گولي تي وسندڙ سڄي آبادي جو مقدر هڪ جهڙو ئي آهي. هي ڌرتي هن ڪائنات جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍڙي قسم جي هڪ اڏام کٽولي آهي، جنهن تي نه فقط اسين سڀ انسان پر سڀئي جيت جڻا جانور وڻ ٽڻ سوار آهيون. اها اڏام کٽولي برق رفتاري سان ڪنهن اڻ ڏٺي منزل ڏانهن مسلسل ڌوڪيندي رهي ٿي. اسان سڀني کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته اسان جو مقدر ساڳيو آهي. هي سڄي ڌرتي پنهنجي آهي، هي چين پنهنجو آهي، هي عربستان، انگلستان به پنهنجا ئي آهن، هي برفاني چوٽيون، رڻ پٽ، ريگستان،ترائيون سڀ پنهنجون ئي آهن، هي گيت وائيون، غزل، قصا ڪهاڻيون، رقص، رونقون، جهمريون، شادمانا سڀ پنهنجا ئي آهن.هي ملڪن جي وچ ۾ سرحدون عارضي آهن. هن ڌرتي ۾ موجود سڀئي ذخيرا، هيرا، لعل موتي سڀ پنهنجا ئي آهن، هي هوائون، فزائون، انڊلٺيون، مينهن، بادل برساتون سڀ پنهنجون آهن، هي آسمان، خلائون، سج چنڊ تارا ڪتيون سڀ پنهنجون آهن، مطلب ته هن ڪائنات ۾ موجود هر ذري تي اسان سڀني جو گڏيل حق آهي. انسان جيڪي ترقي جون منزلون طئه ڪيون آهن، انهن سڄي سوچ ۾ اسان سڀني جو ڪنهن نه ڪنهن حد تائين حصو رهيو آهي.
آخر ۾ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا اهو سڀ ڪجهه ممڪن آهي؟ ڇا اسان عالمي طور گڏجي سگهون ٿا؟ ڇا اسان سڀني جي سوچ هڪ جهڙي ٿي سگهي ٿي؟ ڇا اسان هڪ عالمي گڏيل مفاد لاءِ پاڻ ۾ مڙي مٺ ٿي سگهون ٿا؟ ته جواب ايندو، ها بلڪل ڇونه. اسان کي فراخدلي جو مظاهرو ڪرڻ کپندو، اسان سڀئي پنهنجا هلڪا، عارضي مفاد وساري عالمي مستقل گڏيل مفاد لاءِ جاکوڙڻو پوندو. اسان کي گڏيل قومن جهڙا عالمي سطع جا حقيقي معنيٰ ۾ فعال ادارا جوڙڻا پوندا، جن جي مٿان اها ذميواري سونپڻي پوندي ته اهي ادار دنيا جي مڙني ماڻهن کي اهو يقين ڏيارين ته اسين سڀ انسان پاڻ ۾ ڀائر آهيون، اسان ۾ تر جيترو به فرق ناهي، اسان سڀني جو مقدر ساڳيو آهي، اسان سڀني جو نفعو نقصان ساڳيو آهي، اسان سڀني جو کٽيو، کوٽ ساڳي آهي، تنهنڪري اسان کي عقل کان ڪم وٺڻ گهرجي، اسان کي پنهنجون سموريون رنجشون ختم ڪري ڌرتي تان بارود ختم ڪري هن کي ساوڪ سان ڀري ڇڏڻو آهي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *