| انسان جو زمين کان پري سفر جو رڪارڊ ٺاهڻ بعد آرٽيمس 2 جي واپسي |
نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪي خلائي اداري ناسا جو آرٽيمس 2 مشن جا خلاباز چنڊ تي پنهنجي تاريخي سفر جي پڄاڻي ۽ هڪ مڪمل سج گرهڻ ڏسڻ کانپوءِ هاڻي واپس زمين ڏانهن روان دوان آهي، زمين تي واپسي واري سفر ۾ 4 ڏينهن لڳندا، آمريڪي وقت موجب جمعي جي رات 8 لڳي 7 منٽن تي ملڪ جي ڏاکڻي ساحل ويجهو لهندا. ان مشن دوران ڪنهن انسان جي زمين کان سڀ کان پري سفر جو نئون رڪارڊ به قائم ٿيو آهي. هو زمين کان چار لک 6 هزار 771 ڪلو ميٽر فاصلي تي پهتا، ان کان اڳ اهڙو رڪارڊ اپالو 13 جي عملي وٽ هو، جن 1970ع ۾ چار لک هڪ سئو 71 ڪلو ميٽر جو سفر ڪيو هو. مشن ڪمانڊر ريڊ وائز مين چيو آهي ته اورائن خلائي جهاز جي عملي هن سفر ۾ اهڙا منظر ڏٺا جيڪي ڪنهن انسان پهريان ڪڏهن ناهن ڏٺا، پائلٽ وڪٽر گلوور جو چوڻ آهي ته جيڪو ڪجهه به ڏٺو اهو بيان ڪرڻ لاءِ صفاتي لفظ موجود ناهن، سفر دوران هيوسٽن ۾ موجود مشن ڪنٽرول سان خلابازن جو مسلسل رابطو رهيو، آرٽيمس ۽ ان جي عملي تصويرون ڪڍيون. جن ۾ زمين جي جاري ڪيل نئين تصوير به شامل هئي.