انسان هجي يا فرشتو، ڳالهين لاءِ تيار آهيون، قومي حڪومت مسئلن جو حل ناهي: پي ٽي آءِ

ڊسمبر 10, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ عمر ايوب جو چوڻ آهي ته انسان هجي يا فرشتو اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون. راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته قومي حڪومت ملڪ کي درپيش مسئلن جو حل ناهي، انصاف ۽ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن وقت هِتي صرف فاشزم آهي ۽ لٺ آهي. عمر ايوب چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان 5 رڪني ڪاميٽي ٺاهي آهي، جيڪڏهن ڳالهيون نه ٿيون ته 13 ڊسمبر تي تحريڪ جي ايندڙ مرحلي جو اعلان ڪندو، سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪندو. سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي ته جعلي حڪومت اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ چاهي ٿي، جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته 26 نومبر تي فوت ٿيل پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو انگ 12 آهي، پارٽي چيئرمين جي حيثيت سان جيڪو ڳالهائيندو اهو مڪمل ذميواري سان ڳالهائندس.

Leave A Comment