Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_43se1iim1bt1bar39vrvva5nsc, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
انسان هر سال گھٽ ۾ گھٽ پلاسٽڪ جا 50,000 ذرڙا کائي ٿو ... ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar انسان هر سال گھٽ ۾ گھٽ پلاسٽڪ جا 50,000 ذرڙا کائي ٿو ... ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

انسان هر سال گھٽ ۾ گھٽ پلاسٽڪ جا 50,000 ذرڙا کائي ٿو … ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو

اسانجو کاڌو پيتو، پلاسٽڪ سبب غليظ هجڻ سبب منجهس موجود پلاسٽڪ سڌي سنئين اسانجي جسمن ۾ داخل ٿي وڃي ٿي. جيڪڏهن توهان ڪنهن به سبب بوتل واري پاڻيءَ جي پچر نه ڇڏڻ تي بضد آهيو ته هاڻ توهانکي پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻي پوندي. هڪ بلڪل تازي اڀياس مان ڄاڻ پيئي آهي ته جيڪي ماڻهو بوتلن وارو پاڻي پيئن ٿا اهي هر سال مائڪروپلاسٽڪ (microplastic) جا 90,000 ذرڙا پنهنجي جسم ۾ داخل ڪندا رهن ٿا بنسبت انهن ماڻهن جي جيڪي نلڪي جو پاڻي پيئن ٿا ۽ رستي رڳو 4000 ذرڙا پنهنجن جسمن ۾ داخل ڪن ٿا. اها کوجنا، يونيورسٽي آف وڪٽوريا، برٽش ڪولمبيا ۾ ڪيل ان اڀياس جو هڪ حصو آهي جنهن هيٺ پلاسٽڪ جي ذرڙن جي ان انگ جو اندازو لڳايو ويو آهي جيڪي هر سال ماڻهو لوڻ، بيئر، کنڊ، مڇيءَ، سامونڊي مڇيءَ، پاڻيءَ ۽ شهري هوا رستي واپرائيندا رهن ٿا.
سائنسدانن جي ڪيل اڀياسن مان ڄاڻ پيئي آهي ته هر سال وڏا 50,000 ۽ ٻارڙا 40,000 پلاسٽڪ جا ذرڙا کائيندا رهن ٿا. جيڪڏهن ان ۾ ساه رستي جسم ۾ داخل ٿيندڙ پلاسٽڪ جي ذرڙن جو شمارڪجي ته ان جو اندازو، بالغن ۾ 74,000 کان 121,000 جي وچتي ٿيندو.جيتوڻيڪ اهو مقدار حيران ڪن حد تائين انتهائي وڏو لڳي ٿو تنهن هوندي به اصل مقدار کان شايد ته گھڻو گھٽ آهي. جيئن ته اڀياس ۾ رڳو اهو 15 سيڪڙو کاڌو شامل هو جيڪو اميريڪي ماڻهو ڪئلرين حاصل ڪرڻ جي حوالي سان واپرائين ٿا تنهنڪري ان جو اصل انگ گھڻو مٿاهون آهي بقول هن اڀياس ڪندڙ ڪيرين ڪاڪس جي. ٻين ڪيترن کاڌن جهڙوڪ: بريڊ، پراسيسڊ کاڌن، گوشت، ڊئريءَ جي شين ۽ سبزين ۾ به ايتري گھڻي پلاسٽڪ موجود ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري ان ڳالهه ۾ شڪ ڪري نٿو سگهجي ته انهن ۾ پلاسٽڪ جا ذرڙا انتهائي گھڻي مقدار ۾، لکن جي تعداد ۾ موجود ٿي سگهن ٿا. پلاسٽڪ جا ذرڙا انساني جسم تي ڪهڙو اثر ڪن ٿا ان جي مڪمل ڄاڻ پئجي نه سگهي آهي. گذريل بسنت ۾ شايع ٿيل هڪ تحقيق مان انساني ڪرفٽي ۾ پلاسٽڪ موجود ڏٺي ويئي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان جو ڪجهه مقدار جسم مان خارج ٿيندو رهي ٿو ته ان جي جسم ۾ جذب ٿيڻ جا به ثبوت مليا آهن. پلاسٽڪ جا سنهڙا ذرڙا رت جي دوري ۽ لمفي سرشتي ۾ داخل ٿي وڃن ٿا، مدافعي نظام کي متاثر ڪن ٿا ۽ زهريلن مادن کي منتقل ڪرڻ ۾ سهائتا ڪن ٿا. پکين ۾ پلاسٽڪ، ننڍي آنڊي جي آڱرين جهڙن اڀارن کي تبديل ڪري ڇڏي ٿي، فولاد جي جذب ٿيڻ کي متاثر ڪري ٿي ۽ جيري تي دٻاءُ وڌائي ڇڏي ٿي. تنهنڪري اها ڄاڻ رکڻ ته پلاسٽڪ جو ڪيترو مقدار انساني جسمن ۾ داخل ٿئي ٿي اسان سڀني لاءِ هڪ سنگين مسئلو آهي. ڪوڪس چواڻي، سندس نتيجن کيس ايترو متاثر ڪيو آهي جو هو نه رڳو پلاسٽڪ واريون شين خريد نٿو ڪري ته بوتلن وارو پاڻي به نٿو پيئي. ڇاڪاڻ ته صارفن جي استعمال ٿيندڙن شين ۽ صحت جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو آهي تنهنڪري هاڻ وقت اچي ويو آهي ته جڏهن به ۽ جتي به ممڪن ٿي سگهي پلاسٽڪ جي استعمال کان پرهيز ڪرڻ گهرجي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *