انصاف بنا عوام جي حقن جو تحفظ ممڪن ناهي: چيف جسٽس

  انصاف بنا عوام جي حقن جو تحفظ ممڪن ناهي: چيف جسٽس

سکر/خيرپور/نوشهرو فيروز/مورو (نمائندن وٽان) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ظفر راجپوت چيو آهي ته انصاف مضبوط معاشري ۽ معاشي ترقي جي ضمانت آهي، انصاف ذريعي ڪمزور ماڻهن کي طاقت ملي ٿي،  بنا انصاف عوام جي حقن جو تحفظ ممڪن ناهي.مختلف تقريبن کي خطاب ڪندي هن چيو ته جڏهن فرد ۽ ادارا انصاف جي اصولن تي هلن ٿا ته معاشري مان ظلم ۽ زيادتيون ختم ٿين ٿيون، جڏهن انصاف ۾ عدم توازن پيدا ٿئي ٿو ته معاشري ۾ به عدم توازن پيدا ٿئي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ طاقتور ڪمزور جو استحصال ڪن ٿا. رياست جي سالميت لاءِ انصاف ۽ مضبوط عدالتي نظام لازمي آهي، جج کي قانون جي دائري ۾ رهي فيصلا ڪرڻا پوندا آهن، جيڪڏهن ڪو جج پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪري ٿو ته اهو قدم عدالتي نظام مٿان عوام جو اعتماد ختم ڪري ڇڏيندو آهي. عدالتي نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ وڪيل برادري جو ڪردار انتهائي اهم آهي، وڪيل قانون جا محافظ آهن، اهي انساني حقن جو تحفظ ڪن ٿا، انصاف تائين رسائي ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. جسٽس ظفر احمد راجپوت چيو ته نوجوان وڪيلن لاءِ اڳتي وڌڻ جا بي شمار موقعا موجود آهن، مسلسل محنت سان اڳتي وڌڻ ممڪن آهي. سکر کي دلير ۽ بهادر ماڻهن جو شهر قرار ڏيندي هن چيو ته شيخ اياز سنڌي ادب جو وڏو نالو آهي، جيڪو سکر سان تعلق رکي ٿو، جڏهن ته هيمون ڪالاڻي کي به ڪڏهن نه وساربو، جيڪو تحريڪ آزادي جو وڏو ۽ تاريخي ڪردار رهيو آهي.هن چيو ته اجرڪ جو رنگ محبت جي علامت آهي، جيڪو کيس خيرپور مان مليو آهي. خيرپور صرف سياسي طور نه پر علم، ادب ۽ صوفيانه فڪر جو به مرڪز رهيو آهي. هن چيو ته هي ڌرتي سچل سرمست، سورهيه بادشاهه، علامه آءِ آءِ قاضي جهڙن عظيم شخصيتن جي جنم ڀومي رهي آهي. خيرپور تاريخي ضلعو آهي جيڪو شهيدن جي سرزمين سڏجي ٿو. چيف جسٽس چيو ته سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ وڌيڪ ججن جون مقرريون ڪيون وينديون ته جيئن ڪيسن جي جلد ٻڌڻي ممڪن بڻائي سگهجي. نوشهري فيروز ۾ چيف جسٽس اي ٽي سي جي تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو،  ان موقعي تي نئين بلڊنگ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته سيشن ڪورٽ نوشهروفيروز ۾ وڌيڪ جج مقرر ڪيا ويندا ۽ وڪيلن لاءِ هائوسنگ سوسائٽي پڻ ڏني ويندي. ان موقعي تي وڪيلن نوابشاهه ۾ هاءِ ڪورٽ قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اهو سندس اختيار ۾ ناهي، انهي لاءِ اوهان پنهنجي ضلعي سان تعلق رکندڙ قانون واري وزير سان رابطو ڪريو.