انصاف جي خاطري: نادر جمالي جي وارثن پاران ڌرڻو ختم

انصاف جي خاطري: نادر جمالي جي وارثن پاران ڌرڻو ختم

دادو (رپورٽر) دادو نادر جمالي جو معاملو، وارثن انتظاميا جي خاطري تي رات دير سان ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو دادو ۾ نادر جمالي جي معاملي ۾ وارثن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ بعد وارثن پاران احتجاجي ڌرڻو 12 کان 15 ڪلاڪن کان جاري رهيو. احتجاج ڪندڙن انڊس هاءِ وي لڳ مخدوم بلاول ٽول پلازا وٽ پنڊال هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو هيو مظاهرين جو چوڻ هو ته ايس ايس پي دادو جي بدلي ۽ وارثن خلاف داخل ڪوڙي ڪيس جي خاتمي تائين ڌرڻو جاري رکيو ويندو. احتجاج سبب لاڙڪاڻي کان حيدرآباد ۽ ڪراچي ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور تي معطل ٿي وئي آهي، جڏهن ته مال بردار گاڏين جون به ڊگهيون قطارون لڳل رهيون پهرين مرحلي ۾ وارثن سان ڳالهين لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر دادو سميع الله وڳڻ ڌرڻي واري هنڌ پهتو، پر وارثن ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو اسسٽنٽ ڪمشنر موجب وارثن واضح موقف اختيار ڪيو آهي ته هاڻي ضلع دادو جي انتظاميا سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ڪيون وينديون، جنهن بابت ڊپٽي ڪمشنر دادو کي آگاهه ڪيو ويو آهي. رات دير سان ڊي ايس پي مرتضيٰ چنه ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر دادو سميع الله وڳڻ ٻيهر ڌرڻي واري جڳهه تي پهچي وارثن سان ڳالهيون ڪيون. انتظاميا پاران وارثن کي خاطري ڪرائي وئي آهي ته داخل ڪيل ايف آءِ آر کي 7 ڏينهن اندر سي ڪلاس ڪيو ويندو جنهن بعد وارثن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو هيو