“انصاف ڪريو”  پنوعاقل ويجھو پلاند ۾ قتل ٿيل نوجوان جو ٻئي ڏينهن به لاش رکي ڌرڻو

“انصاف ڪريو”  پنوعاقل ويجھو پلاند ۾ قتل ٿيل نوجوان جو ٻئي ڏينهن به لاش رکي ڌرڻو

پنوعاقل/سلطانپور (نمائندن وٽان) پنوعاقل ڀرسان ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ انڍڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ پسند جي شادي معاملي تان ڪجھه سال اڳ قتل ٿيل ھمراھ جي پلاند ۾ گذريل ڏينهن ھٿياربندن فائرنگ ڪري ھڪ ڀاءُ عمران انڍڙ کي قتل ٻي ڀاءُ طارق انڍڙ کي زخمي ڪري ڇڏيو هو، مارجي ويل نوجوان جو لاش رکي وارثن پاران ٻيھر پنوعاقل جي چونگھا چوڪ وٽ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو،  ڌرڻي ۾ مقتول جي وارث عورتن قرآن پاڪ کڻي ورد شروع ڪري قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته 5ڪلاڪ ڌرڻي کانپوءِ ايف آءِ آر ۾ نامزد ٿيل جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري بعد ڌرڻي کي ختم ڪيو ويو، مقتول جي وارثن موجب پوليس اسان جي مرضي موجب ايف آءِ آر داخل نه پئي ڪري، جوابدارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.