Skip to content
Search for:
Search for:
Toggle Navigation
پهريون صفحو
ٽاپ اسٽوري
تازه ترين خبرون
سائيڊ اسٽوري ريل
وڌيڪ خبرون
Home
»
انعام يافته ڌاڙيل راحب شر ۽ ثنو شر پاران هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو اعلان
انعام يافته ڌاڙيل راحب شر ۽ ثنو شر پاران هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو اعلان
جُون 23, 2023
گهوٽڪي(رپورٽ: ماجد سنگهڙ) گهوٽڪي ڪچي جي ٻن انعام يافته ڌاڙيلن راحب شر ۽ ثنو شر هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي رڻ ٻاريندڙ ٻنهي ڌاڙيلن راحب شر ۽ ثناءُ الله عرف ثنو شر جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي حوالي سان وڊيو منظر عام تي اچي وئي آهي
جاري ڪيل وڊيو ۾ راحب شر ۽ ثناءُ الله عرف ثنو شر چئي رهيا آهن ته جهنگ جي زندگي مان بيزار آهيون عام ماڻهن واري زندگي گذارڻ چاهيون ٿا پوليس ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڌاڙيل بڻايو آهي اسين ڌاڙيل ناهيون ڪچي مان قبائلي جهيڙا ختم ٿي وڃن ته امن قائم ٿي ويندو
سندن چوڻ آهي ته حڪومت عام معافي ڏي ته ڏوهن جي زندگي ڇڏي ڏينداسين جي يو آئي اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو ۽ سياسي سماجي اڳواڻ ڪچي ۾ امن ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته امن قائم ٿي ويندو
راحب شر ۽ ثناءُ الله عرف ثنو شر وڊيو پيغام ۾ چيو ته سنڌ پوليس ۾ ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن ۽ ڪچي ۾ امن ميلا ڪرايا وڃن ته امن ٿي ويندو، ڪچي وارن علائقن ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن اسان به چاهيون ٿا ته اسان جا ٻارڙا به پڙهي لکي آفيسر ٿين
Related Posts
“ڇو آيو آهين” مفتي قوي کي اسلام آباد جي مسجد مان ڪڍيو ويو!!
Gallery
“ڇو آيو آهين” مفتي قوي کي اسلام آباد جي مسجد مان ڪڍيو ويو!!
مَي 17, 2025
|
0 Comments
شهدادڪوٽ ۾ خوني تڪرار جو جرڳو: 4 قتل ثابت:2 ڪروڙ 13 لک ڏنڊ
Gallery
شهدادڪوٽ ۾ خوني تڪرار جو جرڳو: 4 قتل ثابت:2 ڪروڙ 13 لک ڏنڊ
مَي 17, 2025
|
0 Comments
زميندار هارپو کائي ويو: ٽنڊي محمد خان ۾ نوجوان آپگھات ڪري ڇڏيو
Gallery
زميندار هارپو کائي ويو: ٽنڊي محمد خان ۾ نوجوان آپگھات ڪري ڇڏيو
مَي 17, 2025
|
0 Comments
ڪرمپور ويجهو مسافرن کان ڦر جي ڪوشش: گاڏي نه بيهارڻ تي فائرنگ: نوجوان قتل
Gallery
ڪرمپور ويجهو مسافرن کان ڦر جي ڪوشش: گاڏي نه بيهارڻ تي فائرنگ: نوجوان قتل
مَي 17, 2025
|
0 Comments
Leave A Comment
جواب رد ڪريو
Comment
Save my name, email, and website in this browser for the next time I comment.
Page load link
Go to Top