تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

انقلاب مان اميد رکڻ! … راشد علي ڀرڳڙي

انقلاب کي هر عام، سياسي ۽ سماجي ماڻهو هميشه کان ۽ هزارين سالن کان غلط نظرن سان ڏٺو آهي. پر چي گويرا جنهن سڄي دنيا ۾ غلط نظرياتي خيال رکندڙ ماڻهن کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته انقلاب همشه کان ئي حق پرست ۽ غريب طبقي جي ماڻهن جو ئي آهي. اسان ان ڳالھ کي سمجهي ۽ محسوس ڪري سگهون ٿا ته هن دنيا ۾ دانشور، انقلابي سوچ ۽ انقلاب جي باري ۾ نظرياتي خيال پيش ڪندڙ ۽ انقلاب جون ڳالهيون ڪندڙ انقلاب جا گهڻا ڪتاب پڙهندڙ انقلابي هن دنيا کان پري ۽ الڳ ٿلڳ زندگي نه گذاريندا اهو به اسان جي سماج جا حصا آهن. انقلاب هڪ انسان جو روح جو مقدر ۽ انقلابي سوچ سان ڳنڍيل هوندو آهي. پر بدقسمتي سان هن دنيا ۾ اهو انسان جو مقدر نه رهيو آهي جنهن انقلاب جي اسان انسان ڳالھ ڪندا آهيو اهو هزارين سالن کانپوءِ به ڪڏهن به نه آيو آهي. شايد اهو انقلاب ڪڏهن به نه اچي سگهي. سماجي انقلاب غلط نظرياتي تڪرار ۽ خيال آهن انقلاب انسان جو روح جي سڪون آهي. هن دنيا ۾ اڃ جا مفڪر سياسي ۽ سماجي انقلاب ڳالهھ ڪندا آهن جنهن انقلاب جي اسان جا مفڪر ڳالهه ڪندا آهن اهو انقلاب هن دنيا ۾ ممڪن ٿي نٿو سگهي. جنهن کي انسان انقلاب چوندا آهن اهو هڪ ڍونگي ڊرامو آهي جنهن کي اسان انقلاب جو نالو ڏنو آهي هن دور ۾ ڏٺو وڃي ته اهو انقلاب ممڪن نه آهي جيئن چي گويرا پنهنجي هڪ انقلاب جي جنگ وڙهي سابط ڪري ڇڏيو آهي ته انسان جي حقن لاءِ وڙهڻ کي اصلي انقلاب آهي جيڪو ڪيوبا جي هزارين ماڻهن جي دلين انقلاب باھ پيدا ٿي ان چي گويرا جهڙي عظيم شخصيت ان سابط ڪيو ته اسان انقلاب جي ڪري پنهنجي زندگيءَ ارپي ڇڏي.
اسان انسان جنهن سماجي انقلاب جي ڳالهھ ڪندا آهيو. جيڪڏهن سڄي دنيا ۾ هزارين انقلابي ماڻهو پيدا ٿين ته پوءِ سماجي انقلاب قائم ٿيڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن گذريلن انقلابي تاريخ ۾ ڏٺو وڃي ته هن دنيا ۾ انسان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به اهڙو انقلاب ڪڏھن به نه ٿيو آهي. ۽ اهڙو انقلاب تاريخ ۾ هميشه کان ئي ناڪام رهيو آهي ان جو اهو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو. انقلاب کي انسانن هميشه کان ئي غلط نظرن سان ڏٺو آهي نه ئي هن دور پر تاريخ ۾ انقلاب جي هر پني تي انسانن انقلاب غلط ۽ خراب سمجهيو آھي. اسان انسانن جي انسان جنهن انقلاب تي ڳالهائيندا آهيون جيڪڏهن اسان هن معاشري کي تبديل ڪيون ته اهو سياسي نظام سان تبديل ڪريون پر سياسي سماجي طريقي سان پر اهو اسان جا غلط نظرياتي خيال آهن.هن سماج ۾ انسان هميشه کان ئي اهڙي بيوقوفي واري سوچ هزارين صدين کان ڪندو ٿو اچي پر اهڙي خيالي سوچ تي حقيقي انقلاب نه اچي سگهيو آهي. جيڪڏهن هن دنيا ۾ اڃ ڪو ماڻهو انقلابي بڻجي ٿو ته ان سرعام قتل ڪيو وڃي ٿو ۽ ان کي بغاوت ۽ دهشتگردي جو الظام هڻي قتل ڪيو ٿو وڃي جيڪو سامراجي ملڪن ۽ سياستدانن رياست ٺاهي آهي ان جي ڪري جيڪو انقلابي ٿيڻ جي ڪوشش ڪيو ٿو وڃي ان کي سرعام رياست هٿان قتل ڪيو ٿو وڃي. سامراج وٽ ھميشہ اهو جواب هوندو آهي انقلابي سياسي انقلاب لاءِ خطرو آهن. جيڪو سياسي انقلاب هوندو آهي اهو هميشه خطرناڪ انقلابي سوچ رکندڙ هوندا آهن اهو سياست جي ذريعي ڪيترائي سماجي نظام کي ختم ڪندا آهن ۽ اهي پنهنجي رياست قائم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي انقلابي قتل ڪندا آهن
اهو انساني جي تاريخ ۾ هزارين بار ڏٺو ويو آهي. پر اهي سياسي انقلابي بس هڪ شيءَ جا ماهر هوندا آهن. اهي حڪومت کي ڊاهڻ ۽ سماج کي ابتو ڪرڻ ۽ پنهنجي سياست قائم ڪرڻي هوندي آهي. جڏھن اهي ماڻهو ڪامياب ٿيندا آهن ته اهو طاقت ۾ هوندا آهن. ۽ اهي ڪيترائي انقلابي شخصيتون قتل ڪيا ويندا آهن. هر انقلاب جو هڪ ڪائونٽر انقلاب هوندو آهي اھو ئي دنيا جو مقدر رهيو آهي ۽ رهندو. اسان کي هڪ ڳالهه کي سمجهڻ گهرجي ته سياسي انقلابي جو ذهن تباهي جو گهر هوندو آهي پنهنجي رياست قائم ڪرڻ لاءِ ڪيترن کي ئي قتل ڪرائي ڇڏيندو سياسي انقلابي هڪڙي ڳالهه اها ڄاڻيندو آهي ته هو پنهنجي حدف کي ڪئين حاصل ڪري سگهي ٿو. ان سياسي انقلابي جي هڪ خاص مهارت اها آهي ته هو ماڻهن جي هجوم ۾ ڪئين دهشتگردي ڦهلائي وڃي ۽ اهو پاڻ هڪ انقلابي سڏرائيندو آهي. دراصل حقيقت اها آهي،اهو ماڻهو انقلاب جي تعميل ۽ تقميل جي خبر نه هوندي آهي ان کان ڪڏهن به ڪنهن به قسم جي اميد نه رکي ويندي آهي. هن دنيا ۾ ڪڏهن به سياسي انقلاب نه اچي سگهي ٿو. هن دنيا ۾ سياسي انقلاب جو ڪوئي مستقبل ناهي نه ئي وري اهو انقلاب اچي سگهي ٿو. هن دنيا ۾ هر ماڻهو کي پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن هر ماڻهو پنھنجو پاڻ کي انقلابي ٿيڻ لاءِ تبديل ڪري ٿو ته پوءِ سڄي انسانيت تبديل ٿي سگهي ٿي ۽ اهو نئو ماڻهو جنم وٺندڙ هوندو ان انقلاب جي جنم دنيا ۾ نئي انسانيت جنم وٺندي. پوءِ هن دنيا ۾ هڪ انقلاب مان اميد رکجي ٿي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *