ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) انوار الحق ڪاڪڙ نگران وزيراعظم مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته پيپلزپارٽي نگران وزيراعظم جي نالي تي تحفظات جو اظهار ڪيو آهي
پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي ڪاميٽي سان گڏجي 5 نالا ڏنا هئا، ڪاميٽي سليم عباس، جليل عباس، محمد مالڪ، خيبر پختونخوا کان افضل خان جو نالو ڏنو هو
خورشيد شاهه چيو ته مون کي علم نه هو ته انوارالحق ڪاڪڙ جو نالو سامهون ايندو، جتان به نالو آيو هجي اسان کي سٺي جي اميد رکڻ گهرجي، هن چيو ته سدائين چونڊن تي سوال اٿندا آهن، انوارالحق ڪاڪڙ بدران ڪنهن ٻئي شخص جي چونڊ ڪئي وڃي ها ته بهتر هجي ها
پيپلزپارٽي ۽ حڪومت پاران نگران وزيراعظم جي نالن کي حتمي صورت ڏيڻ لاءِ ڪاميٽي ٺاهي وئي هئي جنهن ۾ خورشيد شاهه شامل هو