لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو جي ميئر لاءِ پيپلز پارٽي جو اميدوار انور علي لهر ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ محمد امين شيخ ڪامياب ٿي ويا آهن
ميونسپل ڪارپوريشن جي چونڊ لاءِ ووٽنگ جو مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد رٽرننگ آفيسر نتيجن جو اعلان ڪيو، ميئرشپ لاءِ انور علي لهر ۽ محمد امين شيخ 29 ووٽ ڪاميابي ماڻي ورتي
جي ڊي اي طرفان ميئر جو اميدوار عبدالحفيط سامٽيو ۽ ڊپٽي ميئر جو اميدوار سيد عمران علي شاهه سميت 3 ميمبرن ووٽنگ جي عمل ۾ حصو نه ورتو
پيپلز پارٽي اميدوارن جي ڪاميابي تي جيالن جهمريون هنيون ۽ نعريبازي ڪئي وئي جڏهن ته ڪارڪنن مٺائي ورهائي ۽ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر کي گلن جا هار پارائي مبارڪباد ڏني