انوشڪا جي 7 سالن بعد واپسي: ڪرڪيٽر طور نظر ايندي

انوشڪا جي 7 سالن بعد واپسي: ڪرڪيٽر طور نظر ايندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار هٽ اداڪاره انوشڪا شرما 7 سالن بعد فلمن ڏانهن واپسي ڪري رهي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب انوشڪا شرما هڪ اسپورٽس بائيو گرافيڪل فلم ۾ جوهر ڏيکاريندي. اسپورٽس بائيوگرافيڪل فلم سينيمائنبدران نيٽ فليڪس تي رليز ٿيندي، فلم جو نالو “چڪڙا ايڪسپريس آهي“ ٻڌايو پيو وڃي ته  فلم جي عسڪبندي ڪيترائي مهينا اڳ مڪمل ٿي چڪي هئي پر پروڊڪشن ڪمپني ۽ نيٽ فلڪس وچ ۾ اختلافن جي ڪري فلم جي رليز روڪي وئي هئي.  امڪان آهي ته فلم جلد رليز ڪئيويند ي۽ تاريخ جو اعلان به چند ڏينهن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.  فلم ۾ انوشڪا شرما کي هڪ ڪرڪيٽر طور ڏيکاريو ويو آهي، اها فلم ڀارتي ڪرڪيٽر جھلن گوسوامي جي زندگيءَ تي ٻڌل آهي، ۽ انوشڪا ان جو ئي ڪردار ادا ڪري رهي آهي. جھلن گوسوامي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ 2002 کان 2022ع تائين رهي، جنهن جو تعلقن رياست اولهه بنگال جي ننڍڙي ڳوٺ ”چڪڙا“ سان هو. ياد رهي ته انوشڪا شرما جي آخري فلم ”زيرو“ هئي، جنهن ۾ هن شاهه رخ خان سان گڏ ڊبل ڪردار  ادا ڪيا هئا.