| انيل ڪپور پاران ڌُرندر_2 جي آڇ رد ڪرڻ جو انڪشاف |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار انيل ڪپور انڪشاف ڪيو آهي ته کيس ڪراچي جي علائقي لياري جي گينگ وار تي ٻڌل فلم ”ڌُرندر“ جي سيڪوئل ۾ مختصر ڪردار جي آڇ ڪئي وئي هئي، جيڪا هن رد ڪري ڇڏي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي 69 ورهين جي اداڪار چيو ته فلمساز آديته ڌر کيس فلم ڌُرندر ٽو ۾ ڪيميو رول جي آڇ ڪئي هئي، کيس اهو ڪردار وڻيو به هو به پر وقت جي کوٽ سبب فلم جو حصو بڻجي نه سگهيس. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آدتيه ڌر مون وٽ ڌُرنڌَر 2 لاءِ آيو هو، سندس خواهش هئي ته آئون فلم ۾ مختصر ڪردار ادا ڪريان انيل موجب مون پنهنجون تاريخون اڳ ئي هڪٻئي فلمساز کي ڏئي ڇڏيون هيون، تنهن ڪري اڳ ۾ ڪيل واعدي کي نڀائڻ مناسب سمجهيو، منهنجي اها فلم به رليز ٿيڻ واري آهي، هن چيو ته ڌريندر 2 ۾ ڪم نه ڪرڻ منهنجو ئي نقصان آهي، اميد آهي ته مستقبل ۾ آديته سان گڏ ڪم ڪندس، ذريعن موجب انيل کي سيڪوئل ۾ پراسرار ڪردار “بڙا صاحب“ جي آڇ ڪئي وئي هئي.