انٽرويو نامنظور: نوڪرين لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ ڏيندڙن پاران سوشل ميڊيا تي مهم

جُولاءِ 2, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) گريڊ 5 کان 15 تائين جي نوڪرين لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن پاران سوشل ميڊيا تي مهم هلائي پئي وڃي ته انٽرويو نه ورتو وڃي

ٽوئيٽر تي وي رجيڪٽ انٽرويو پاليسي ٽرينڊ هلايو پيو وڃي، جنهن ۾ چيو ويو ته انٽرويو ڪرپشن جو نئون طريقو آهي، رشوت وارا پاس ڪيا ويندا ۽ اهل فيل ڪيا ويندا

آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود انٽرويو ڇو؟ ٽاپ ٽو باٽم لسٽ ٺاهي ميرٽ تي عمل ڪري نوڪريون ڏنيون وڃن

ٽرينڊ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته گريڊ 5 کان 15 تائين جي ٽيسٽ پاس ڪندڙن لاءِ انٽرويو واري پاليسي ختم ڪئي وڃي ۽ بنا انٽرويو جي رڳو ٽيسٽ پاس ڪرڻ جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون وڃن

انٽرويو جو شرط لاڳو ڪرڻ سان رشوت جي بازار گرم ٿيندي ۽ پنهنجا نوازي ٿيندي، ميرٽ لاءِ ٽيسٽ اسڪور ئي ڪافي آهي

ٽرينڊ ۾ ارباب آريجو، عبدالباري، فياض جمالي، عبدالوحيد مهر، سرواڻ ڀٽو، امجد علي چانڊيو، شفق علي، آفتاب علي، توفيق جمالي، اختر علي، شمس الدين رند، سرفراز احمد، ساجد لغاري، صمد بنگلاڻي، مير خاصخيلي، محبوب ڏاهري، ديدار علي بنگوار، امير بخش وساڻ، محمد وسيم، راجا طاهر، عمير لغاري، زاهد بنگوار، عبدالباسط ۽ ٻين حصو ورتو

Leave A Comment