انڊر ورلڊ جي ڌمڪين سبب گهر ڇڏڻو پيو: ورون ڌون

انڊر ورلڊ جي ڌمڪين سبب گهر ڇڏڻو پيو: ورون ڌون

ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اداڪار ورون ڌون انڪشاف ڪيو آهي ته انڊر ورلڊ مان مليل ڌمڪين سبب سندس خاندان کي پنهنجو گهر ڇڏڻو پيو هو، ميڊيا رپورٽن موجب ورون ڌون تازي انٽرويو ۾ چيو ته 1990 واري ڏهي ۾ سندس پيءُ ڊيوڊ ڌون ۽ سندس خاندان کي به انڊر ورلڊ مان ڌمڪين واريون فون ڪالز آيون، جنهن کانپوءِ کين پنهنجو گهر ڇڏي ٻئي هنڌ منتقل ٿيڻو پيو. اداڪار مطابق انهي عرصي دوران ڪيترين ئي فلمي شخصيتن کي اهڙيون ڌمڪيون ملي رهيون هيون، اداڪار چيو ته ظاهري طور تي هي ڪهاڻي ٻڌڻ ۾ مزاحيه لڳي سگهي ٿي پر حقيقت ۾ اهو هن لاءِ تمام گهڻو خوفناڪ ۽ دٻاءُ وارو وقت هو.