| انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فاتح ٽيم لاءِ انعام جي منظوري |
اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير، خاص مددگار ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. اي سي سي تازو ئي پاڪستان انڊر 19 ٽيم لاءِ انعامي رقم جي منظوري ڏني، جنهن انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏني. ناڻي واري وزير چيو ته نوجوان رانديگرن جي حوصلا افزائي قومي وقار وڌائڻ جو ذريعو آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ ڀارت کي 191 رنسن تان شڪست ڏني هئي.