انڊر 19 ايشيا ڪپ: ملائيشيا آئوٽ ڪلاس، پاڪستان جي 297 رنسن تان ڪاميابي

انڊر 19 ايشيا ڪپ: ملائيشيا آئوٽ ڪلاس، پاڪستان جي 297 رنسن تان ڪاميابي

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان انڊر 19 ايشيا ڪپ ۾ ملائيشيا کي 297 رنسن سان شڪست ڏئي ڪاميابي سان شروعات ڪئي. دبئي ۾ کيڏيل گروپ اي ميچ ۾ ملائيشيا جي ٽيم 346 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ صرف 48 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ملائيشيا جو ڪو به رانديگر ڊبل فگر تائين نه پهتو. پاڪستان لاءِ علي رضا ۽ محمد صيام 3-3، دانيال علي خان 2 ۽ نقاب شفيق هڪ وڪيٽ ورتي. ملائيشيا ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. 2 وڪيٽون جلد وڃائڻ کان پوءِ، سمير منهاس ۽ احمد حسين ٽين وڪيٽ لاءِ 293 رنسن جي پارٽنرشپ ڪئي. پاڪستان مقرر 50 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 345 رنسون ٺاهيون. سمير منهاس 177 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، جنهن ۾ 8 ڇڪا ۽ 11 چوڪا شامل هئا. ڪپتان فرحان يوسف 8 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. احمد حسين 132 رنسن جي شاندار اننگز کيڏڻ کان پوءِ آئوٽ ٿيو، عثمان خان ۽ علي حسن بلوچ 14 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ آئوٽ ٿيا. پاڪستان ايونٽ ۾ پنهنجي ايندڙ ميچ 14 ڊسمبر تي روايتي حريف ڀارت خلاف کيڏندو.