| انڊر 19 ايشيا ڪپ ۾ روايتي حريف پاڪ ڀارت آمهون سامهون، بنگلاديش ۽ سري لنڪا کي شڪست |
دبئي (اسپورٽس نيوز) انڊر 19 ايشيا ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 8 وڪيٽن سان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. دبئي ۾ ٿيل ٻئي سيمي فائنل ۾ بنگلاديش پهريان بيٽنگ ڪندي 27 هين اوور ۾ 121 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، سميع البصير 33 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته ڪپتان عزيز الحڪيم 20، رفعت بيگ 14، شيخ پرويز جبون 9، جواد ابرار 9، ڪلام صديقي 8، فريد حسن 7، محمد عبدالله 5، ايم ڊي سوبج 2 ۽ سعد اسلام ٻڙي تي آئوٽ ٿيا. پاڪستان جي عبدالسبحان ۽ حذيفه احسن ترتيبوار چار۽ ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته علي رضا، محمد صيام ۽ احمد حسين جي حصي ۾ هڪ، هڪ شڪار آيو. پاڪستان 122 رنسن جو هدف 17هين اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. پاڪستان جي سمير منهاس 69 رنسن ناٽ آئوٽ اننگزي کيڏي، جڏهن ته عثمان خان 27 ۽ احمد حسين 11 رنسون ٺاهيون. بنگلاديش طرفان جانب اقبال حسين ايمان ۽ سميع البصير هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي. عبدالسبحان کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، ٽورنامينٽ جو فائنل روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 21 ڊسمبر تي دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. ڀارت سري لنڪا انڊر نائنٽين کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني.