انڊر 19 ورلڊڪپ: ڪپتان سان هٿ نه ملائڻ جو ذميوار بنگلاديشي ڪپتان

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ڀارت ۽ بنگلاديش جي ڪپتانن جي هٿ نه ملائڻ جي معاملي تي وضاحت جاري ڪئي آهي. بي سي بي چيو آهي ته ڀارتي ڪپتان ايوش مهاتري سان هٿ نه ملائڻ ڄاڻي واڻي اختيار ڪيل رويو نه هو، پر اها بنگلاديش جي ڪپتان جواد ابرار جي هڪ غيرارادي غلطي هئي. بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ چيو ته ڪپتان جو ڌيان ان وقت ڪنهن ٻئي هنڌ هو، جنهن جي ڪري هي صورتحال پيدا ٿي. بنگلاديش جو مستقل ڪپتان عزيز الحڪيم خراب صحت سبب ميچ نه کيڏي سگهيو. بي سي بي چيو ته رانديگرن جي ذميواري آهي ته اهي ٽاس دوران هڪ ٻئي سان هٿ ملائين ۽ ان حوالي سان بورڊ راند جي روح ۽ راندين جي جذبي تي مڪمل يقين رکي ٿو.