انڊر 19 چيمپئن ٽيم لاءِ انعام جو اعلان، ڀارتي ٽيم سياست ڪئي آءِ سي سي کي دانهن ڏينداسين: پي سي بي

انڊر 19 چيمپئن ٽيم لاءِ انعام جو اعلان، ڀارتي ٽيم سياست ڪئي آءِ سي سي کي دانهن ڏينداسين: پي سي بي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) انڊر 19 ايشيا ڪرڪيٽ جي فائنل ۾ ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏيڻ کان پوءِ پاڪستاني شاهين ايشيا ڪپ کڻي ملڪ واپس پهچي ويا. ڀارتي رانديگرن پاران پاڪستاني رانديگرن کي مڇرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي آءِ سي سي ۾ دانهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. هر رانديگر کي هڪ هڪ ڪروڙ رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان به ڪيو ويو آهي. مليل اطلاعن موجب انڊر 19 ايشيا ڪپ کٽيندڙ پاڪستان جي ٽيم ڪالهه وطن واپس پهچي وئي. اسلام آباد ايئرپورٽ تي انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جو شاندار استقبال ڪيو ويو، جتي شهرين جو وڏو انگ رات دير سان رانديگرن جو استقبال ڪرڻ لاءِ ايئرپورٽ پهتو. فاتح رانديگرن تي گلن جون پتيون نڇاور ڪيون ويون، گلن جا هار پارايا ويا ۽ گلدستا پيش ڪيا ويا. شهرين دهل وڄائي رقص ڪيو ۽ جهمريون هنيون. ايئرپورٽ جي ٻاهران شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. رانديگرن جي استقبال دوران فضا پاڪستان زنده آباد جي نعرن سان گونجي وئي. پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر سمير احمد، ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس عاقب جاويد ۽ ٻيون پي سي بي اختياريون استقبال جي لاءِ موجود رهيون، ايئرپورٽ تان سمورن رانديگرن کي وي آءِ پي پروٽوڪول ۾ مقامي هوٽل پهچايو ويو. ٽيم جي رانديگرن بعد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. انڊر 19 ايشيا ڪپ کٽڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ٽيم لاءِ انعام جو اعلان ڪيو هر هڪ رانديگر کي هڪ هڪ ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا، جڏهن ته ٽيم مينيجمينٽ کي 25-25 لک رپيا ملندا. وزيراعظم 172 رنس جي شاندار اننگ کيڏڻ تي سمير منهاس کي شاباس ڏيندي چيو ته پاڪستان انڊر 19 ٽيم قوم جو ڳاٽ فخر سان اوچو ڪري ڇڏيو، اميد آهي ته ٽيم انڊر 19 ورلڊ ڪپ کٽيندي. ٻئي طرف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته ڀارتي ٽيم جي رويي بابت آءِ سي سي کي آگاهه ڪيو ويندو. انڊر 19 ايشيا ڪپ جي فاتح ٽيم جي مان ۾ وزيراعظم طرفان ڏنل مانجهاندي دوران ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته ڪالهه به ڀارتي رانديگر اسان جي ڪرڪيٽرن کي چڙ ڏياريندا رهيا. هن چيو ته سياست ۽ ڪرڪيٽ کي الڳ رکڻ گهرجي، پر ڀارتي ٽيم ائين نه ڪيو.