| انڊسٽري ۾ ڪم جا پيسا نٿا ملن، معاوضي لاءِ ”پِنڻو“ پوندو آهي: روميسا |
ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا روميسا خان ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو آهي ته انڊسٽري ۾ معاوضو وقت تي ناهي ملندو. ڪيترن ئي فنڪارن کانپوءِ هاڻ روميسا خان به انڊسٽري ۾ ادائيگين جي معاملي تي آواز اٿاري ڇڏيو. اداڪارا جي هڪ انٽرويو جي ڪلپ وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ هوءَ چئي رهي آهي ته انڊسٽري ۾ ادائيگيون دير سان ٿينديون آهن، صورتحال اها آهي جو پنهنجي پيسي لاءِ پنڻو پوندو آهي. هن چيو ته مون کي هر هر پيسا گهرڻ تي موت ايندو آهي، ان جي ڪري ڪيترائي ڀيرا پيسا ناهن ملندا، جيڪڏهن وقت تي پيسا ناهن ملندا ته مون کي وٺڻ جي عادت ناهي. پر معاوضو نه ملڻ سٺو ناهي. فنڪارن کي انهن جو معاوضو وقت تي ڏئي ڇڏڻ گھرجي.