بدين (رپورٽر) بدين ضلعي جي انڊس اسپتال جو نالو تبديل ڪري اداري کي پيپلز پارٽيءَ جي باني اڳواڻ ڊاڪٽر سڪندر علي منڌرو جي نالي سان منسوب ڪرڻ واري تقريب
کي خطاب ڪندي سينيٽر ڊاڪٽر خالده سڪندر منڌرو چيو ته ڊاڪٽر سڪندر انسانيت جي خدمت جي جذبي سان سرشار عظيم انسان ھو
هن اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصو پارٽيءَ سان ساٿ نڀائي عوام جي خدمت ڪئي. پ پ قيادت ڊاڪٽر سڪندر کي سندس خدمتن عيوض عزت ڏني ۽ سندس ڪوششن سان قائم ٿيل اسپتال کي هن جي نالي سان منسوب ڪيو
هن چيو ته ڊاڪٽر سڪندر منڌرو غريب عوام لاءِ ھميشه تڙپندو رھندو ھو. اسان سڀني جو فرض آھي ته سرڪاري ادارن جا ڌڻي ٿي انهن کي ترقي ڏياريون. ڊاڪٽر خالده وڌيڪ چيو ته ھن اسپتال ۾ ھڪ مھيني اندر اين آءِ سي وي ڊي يونٽ قائم ڪيو ويندو ۽ ڊائلاسز جون جديد مشينون به مھيا ڪيون وينديون
ان موقعي تي ڊاڪٽر عبدالباري، ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين علي اصغر ھاليپوٽو، حاجي رسول بخش چانڊيو، تنزيلا قمبراڻي، حاجي رمضان چانڊيو پڻ خطاب ڪيو