انڊس ڊيلٽا جي بحالي ۽ گرين انفرا اسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪم جاري آهي: وزيراعظم

مارچ 23, 2025

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف به زمين ۽ پاڻي جي عالمي ڏهاڙي تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي کي اثرائتي طريقي سان لاڳو ڪرڻ پاڪستان جي پاڻي وسيلن لاءِ انتهائي اهم آهي، پاڻي وسيلن جي تحفظ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.هن چيو ته اسان جي پاڻي وسيلن جو ٽيون حصو سرحدن کان ٻاهر نڪري ٿو، اُنڪري پاڪستان عالمي آبي سهڪار کي اهميت ڏئي ٿو، سنڌو طاس معاهدي کي اثرائتي نموني عمل پاڪستان جي آبي سلامتي لاءِ انتهائي اهم آهي، وزيراعظم چيو ته اسان جا آبي ذخيرا ٻيلن کان ٽيڻي رفتار ۾ ختم ٿي رهيا آهن، پاڪستان گليشيئرز، درياهن ۽ پاڻي ذخيرن تي ڀاڙيندڙ ملڪ آهي، اسان پاڻي جي عالمي چلينج کان واقف آهيون، شهباز شريف چيو ته هڪ ئي وقت سوڪهڙو به ٻوڏن جيان سنگين خطرو آهي، اسان جي 80 سيڪڙو آبادي بنجر ۽ نيم بنجر جي زمري ۾ اچي ٿي، 30 سيڪڙو آبادي سڌي ريت سوڪهڙي کان متاثر آهي، حڪومت جو ريچارج پاڪستان قدم ٻوڏ جي خطرن ۽ سوڪهڙي جي اثرن کي گهٽائڻ جو ڪم ڪري ٿو، هن وڌيڪ چيو ته انڊس ڊيلٽا جي بحالي ۽ گرين انفرا اسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري سوڌو 25 ترجيحي مداخلتن تي ڪم ڪري رهيا آهيون

Leave A Comment