| انڊونيشيا جو صدر اسلام آباد پهچي ويو: اهم معاهدن ٿيڻ جو امڪان |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) انڊونيشيا جي صدر پرابووو سوبيانتو پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف نور خان ايئربيس تي انڊونيشا جي صدر جو استقبال ڪيو۔ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعلي سرڪاري عملدار به انڊونيشيا جي صدر جي آجيان وقت موجود هئا. انڊونيشيا جي صدر کي 21 توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي۔ وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان انڊونيشيا جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني وئي هئي۔ صدر پرابووو سبيانتو جو پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي۔ انڊونيشيا جو آخري صدارتي دورو 2018 ۾ صدر جوڪو ويدودو ڪيو هو۔ هي دورو انهيءَ لحاظ کان به خاص اهميت رکي ٿو جو هن سال پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ سفارتي تعلقات جي قيام جي 75هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي۔ قيام دوران صدر پرابووو سبيانتو وزيراعظم سان وفدي سطح تي ڳالهيون ڪندو. ۽ صدر آصف علي زرداري سان پڻ ملاقات ڪندو۔ دورو دوران ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، صحت، آءِ ٽي، موسمياتي تبديلي، تعليم، ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي واڌ ۽ علائقي ۽ عالمي سطح تي شراڪت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي جامع خيالن جو ڏي وٺ ڪئي ويندي.